ايران کان پهتل زائرين جي ٽيسٽ لاءِ هيلي ڪاپٽر سروس

ايران کان پهتل زائرين جي ٽيسٽ لاءِ هيلي ڪاپٽر سروس

سکر(جيرام داس ) ايران کان سکر پهچندڙ  زائرين جي اسڪرينگ ٽيسٽ لاءِ وڏي وزير جي نوٽيس تي صحت کاتو سرگرم ٿي ويو. زائرين جي خون جي نمونن لاءِ وڏي وزير هيلي سروس مهيا ڪري ڇڏي. ڪورونا وائرس جي حوالي سان ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ وڏي وزير اهڙي آگاهي ڏني. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته هُن پنهنجو هيليڪاپٽر سکر اُماڻي ڇڏيو آهي، جنهن ذريعي تافتان کان پهتل زائرين جي رت جا نمونا وٺي ڪراچي پهچايا ويندا. وڏي وزير ڊبليو ايڇ او، آغا خان ۽ انڊس اسپتال جون خصوصي ٽيمون به سکر موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ته جيئن تافتان سرحد کان منتقل ڪيل زائرين جي طبي نگراني ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته هو ٽيم کي پنهنجي هيليڪاپٽر ذريعي روانو ڪندو. 475 ٽيسٽنگ ڪِٽس به سکر موڪليون آهن. ڊاڪٽرز ۽ پئراميڊيڪل اسٽاف جو تربيت يافته عملو سکر ۾ مقرر ڪيو ويوآهي ته جيئن زائرين جي ٽيسٽ لاءِ رت جا نمونا وٺي سگهجن. وڏي وزير چيو آهي ته سکر کان پهتل زائرين جي جُزن مان 100 آغا خان، 100 انڊس ۽ 100 جُزا اوجها اسپتال ۾ ٽيسٽ لاءِ منتقل ڪيا ويندا. ڪم ورهائڻ سان ڪم صحيح نموني ٿيندو. مسافر ڪوچز ذريعي 270 زائرين کي سکر ليبر ڪالوني ۾ قائم تنهائي واري وارڊ منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو