ايران کان موٽندڙ 1500 پانڌيئڙا ڪليئر قرار، گهر روانا

ايران کان موٽندڙ 1500 پانڌيئڙا ڪليئر قرار، گهر روانا

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) ايران کان واپس ايندڙ 1500 زائرين کي تفتان بارڊر تي ڪورونا وائرس جي چڪاس بعد واپس پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو آهي. ليويز اختيارين موجب هنن زائرين جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا تن کي 15 ڏينهن تنها وارڊ ۾ رکي سندن مڪمل ٽيسٽ ڪرڻ بعد ڪنهن ۾ به ڪا وائرس جي نشاني نه هئڻ بعد کين ڪليئر ڪيو ويو آهي. انهن زائرين ۾ چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جا ماڻهو به شامل آهن، اڪثريت سنڌ جي آهي. ليويز جو چوڻ آهي ته هن مهل تائين 6 هزار زائرين ايران کان واپس اچي چڪا آهن جن مان 4500 زائرين کي روانو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته هن مهل تائين دنيا جي 108 ملڪن ۾ هڪ لک 33 هزار 800 ماڻهو ڪورونا وائرس جو شڪار ٿيا آهن، 4964 فوت ٿي ويا آهن ۽ 68889 صحتياب ٿي چڪا آهن. بلوچستان جي صوبائي حڪومت 31 مارچ تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو