ايران کان آيل 757 نوان زائرين سکر سينٽر ۾ منتقل

ايران کان آيل 757 نوان زائرين سکر سينٽر ۾ منتقل

سکر (بيورو رپورٽ) تفتان بارڊر کان وڌيڪ 757 زائرين کي سکر قرنطينه سينٽر پهچايو ويو،  قرنطينه سينٽر ۾ زائرين جو انگ 1050 ٿي ويو، سيڪيورٽي  جا انتظام وڌيڪ سخت، پوليس ۽ رينجرز   جي نفري وڌائي وئي. زائرين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، اڳ ۾ پهتل 293 زائرين جن کي 14 مارچ تي سکر آندو ويو، ٽيسٽ مان143 زائرين ۾ ڪرونا وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي وئي آهي، 147 زائرين کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي تصديق سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب پڻ ڪئي آهي، هوڏانهن  757 زائرين جا دستاويز داخل ڪرڻ وارو عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي،  ڊپٽي ڪمشنر سکر راڻا عديل تصور موجب تفتان بارڊر کان آندل 757 زائرين جون بلڊ ۽ ٻيون ٽيسٽون ورتيون پيون وڃن ۽ قرنطينه سينٽر ۾ سندن رهائش ۽ علاج جا سمورا  انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو