واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا ايران جي معاملي تي وڌيڪ دٻاءُ وڌائڻ بدران محتاط رويا اختيار ڪري رهيو آهي ۽ ايران سان محدود سطح تي ڳالهيون جو سلسلو جاري آهي.آمريڪي صدر صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران اندر مهانگائي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ وٽس پئسن جي شديد کوٽ آهي. هن چيو ته آمريڪا ايران تي مڙهيل اقتصادي دٻاءُ ۽ پابندين جي اثرن جو جائزو وٺي رهيو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران سان هلندڙ موجوده معاملو ۽ سفارتڪاري اصل ۾ شطرنج جي راند وانگر آهي، جتي هر هڪ قدم تمام سوچي سمجھي کڻڻو پوي ٿو.










