واشنگٽن(ايڊيٽر ڊيسڪ)آمريڪي انٽيليجنس ذريعن مطابق ايران گذريل هفتن ۾ پنهنجي بم جي ويجهي سطح واري يورينيم جي ذخيرن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ وڏا قدم کنيا آهن، جن ۾ سرنگهن کي ڄاڻي واڻي تباهه ڪرڻ ۽ داخلائن کي ڌماڪيدار بارودي سرنگهن سان مائن ڪرڻ شامل آهي.
سي اين اين جي رپورٽ موجب اهو عمل ان وقت کان وڌيڪ سخت، خطرناڪ ۽ وقت وٺندڙ بڻجي ويو آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ عوامي طور تي اشارو ڏئي رهيو هو ته هو آمريڪي فوج کي اهو مواد قبضي ۾ وٺڻ جو حڪم ڏئي سگهي ٿو.
ذريعن موجب ايران جي نئين حفاظتي قدمن ٽرمپ انتظاميه جي ان امڪاني معاهدي کي وڌيڪ پيچيده بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت تهران کان يورينيم ڪڍي تباهه ڪرڻ جي ڳالهه ٿي رهي هئي. هاڻي سوال اهو آهي ته اهو خطرناڪ ڪم ڪير انجام ڏيندو.
اقوامِ متحده ۾ ايران جي سفارتي وفد ۽ وائيٽ هائوس فوري طور تي تبصرو نه ڪيو.
ٽرمپ بار بار چيو آهي ته هلندڙ ڳالهين ۾ آمريڪا لاءِ سڀ کان اهم ترجيح اهو مواد محفوظ ڪرڻ آهي، جيئن جنگ ختم ڪري هرمز جي لنگهه ٻيهر کولڻ بابت ڳالهه ٻولهه اڳتي وڌي سگهي.
هڪ سينئر آمريڪي عهديدار موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ معاهدو تقريباً ويجهو اچي رهيو آهي، جنهن تحت ايران کي پنهنجو افزوده يورينيم آمريڪا حوالي ڪرڻو پوندو، جيڪو پوءِ سائيٽ تي ئي تباهه ڪيو ويندو ۽ ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪيو ويندو.
پر آمريڪي ۽ ايراني عملدارن جا بيان هڪ ٻئي کان مختلف آهن، ۽ معاهدي جا تفصيل واضح نه آهن. هڪ مسودو ايراني خبر ايجنسي کي ليڪ ٿيڻ بعد ٽرمپ سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو.
ذريعن موجب، ايران لاءِ به اهو مواد ڪڍڻ هاڻي انتهائي ڏکيو ۽ خطرناڪ ٿي ويو آهي، جنهن لاءِ ڳري مشينري ۽ مائن صاف ڪرڻ جون ڪارروايون ضروري هونديون.
اڳوڻي آمريڪي ايٽمي سيڪيورٽي آفيسر اسڪاٽ روڪر موجب، جيڪڏهن هي رپورٽ صحيح آهي ته اهو “اعليٰ درجي جي يورينيم کي ڪڍڻ” کي وڌيڪ پيچيده بڻائيندو.
هو چوي ٿو ته جيڪڏهن ايران کي مجبور ڪيو وڃي ته سڄو ذخيرو هڪ مرڪزي هنڌ تي تصديق لاءِ آندو وڃي، ته پوءِ ذميواري تهران تي پوندي ته هو مڪمل معلومات فراهم ڪري.
پر روڪر خبردار ڪيو ته اهڙي صورتحال ۾ ايران دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته ڪجهه حصو ڪڍڻ ناممڪن آهي، جنهن سان مستقبل ۾ نگراني مشڪل ٿي سگهي ٿي.
بين الاقوامي برادري جو خيال آهي ته گهڻو مواد ايران جي مرڪزي شهر اصفهان ۾ ايٽمي ڪمپليڪس جي تباهه ٿيل سرنگهن ۾ دفن آهي، جڏهن ته ڪجهه ٻيا حصا ٻين هنڌن تي رکيل آهن.
مئي جي وچ ۾ آمريڪي فوج هڪ اهڙي آپريشن جي تياري ڪئي هئي جنهن ۾ اهو مواد قبضي ۾ وٺڻو هو، پر پوءِ اهو منصوبو تمام گهڻو خطري وارو قرار ڏئي رد ڪيو ويو.
ان کان پوءِ ايران انهن هنڌن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي جتي اهو مواد موجود هجڻ جو شڪ آهي.
ٽرمپ اڳ به تسليم ڪيو آهي ته طاقت ذريعي اهو مواد حاصل ڪرڻ خطرناڪ آهي، ۽ هن مئي ۾ فاڪس نيوز تي چيو هو ته ايران شايد آمريڪي انٽيليجنس جي نظر کان بغير اهو مواد ڪڍي ئي نه سگهي.
هن چيو هو: “اسان کي بلڪل خبر آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي، ڪو به اتي ويجهو به نه ويو آهي.” پر ماهرن موجب، ان ڳالهه جو عوامي ذڪر ڪرڻ سان ايران کي وڌيڪ دفاعي قدم کڻڻ جو موقعو مليو آهي.
هاڻي جيڪڏهن واشنگٽن ۽ تهران وچ ۾ معاهدو جلد طئي به ٿي وڃي، ته به ايران جي ايٽمي پروگرام بابت تفصيل طئي ڪرڻ لاءِ وڌيڪ فني ڳالهين جي ضرورت پوندي.
يورينيم کي ملڪ کان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ آمريڪا جي نيشنل نيوڪليئر سيڪيورٽي ايڊمنسٽريشن تحت خاص موبائل يونٽ جي ضرورت پوندي، جيڪو ٽينيسي ۾ اوڪ رِج نيشنل ليبارٽري سان ڳنڍيل آهي.
اڳ ۾ رپورٽ ٿيو هو ته آمريڪي نمائندا جيئرڊ ڪشنر ۽ اسٽيو وِٽڪوف هن ليبارٽري جو دورو ڪري چڪا آهن.
پر ماهرن موجب، دنيا جا بهترين ايٽمي ماهر به اهو ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت وٺندا، ۽ ٽرمپ پاڻ چيو هو ته اهو عمل گهٽ ۾ گهٽ ٻن هفتن تائين هلي سگهي ٿو.










