ٽرمپ پاران ناڪابندي بحال ڪرڻ جي ڌمڪي، ڪنهن کي به ڪنٽرول ڪرڻ نه ڏينداسين، ايران

ٽرمپ پاران ناڪابندي بحال ڪرڻ جي ڌمڪي، ڪنهن کي به ڪنٽرول ڪرڻ نه ڏينداسين، ايران

تهران /واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) فاڪس نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هرمز کي آمريڪا ڪنٽرول ڪندو ۽ گذرندڙ جهازن کان20 سيڪڙو فيس به وصول ڪنداسين. هن ايران جي ٻيهر ناڪابندي بحال ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته ايران کانسواءِ ٻين سڀني ملڪن جا جهاز گذري سگهندا. ٻئي پاسي امريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب، هن ڪارروائي ۾ ايراني فضائي دفاعي نظام، ساحلي ريڊار سائيٽس، ميزائل ۽ ڊرون صلاحيتن سميت ننڍين ٻيڙين کي نشانو بڻايو ويو. بيان ۾ چيو ويو ته انهن حملن ۾ امريڪي ويڙهاڪ جنگي جهازن، بحري ٻيڙن، هڪطرفي حملو ڪندڙ فضائي ڊرونز ۽ پهريون ڀيرو حملو ڪندڙ سامونڊي ڊرونز جو استعمال ڪيو ويو. امريڪي فوج سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس (X) تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته اهي ڪارروائيون خطي ۾ بحري سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيون ويون. ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ايران تي حاليه امريڪي حملن جي جواب ۾ اردن، بحرين ۽ ڪويت ۾ امريڪي اهداف ۽ فوجي اڏن کي نشانو بڻايو آهي. پاسداران انقلاب موجب، اردن جي ‘پرنس حسن ايئر بيس’ تي ميزائل اسٽوريج ۽ فيول ٽينڪن کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته بحرين جي ‘شيخ عيسيٰ ايئر بيس’ تي امريڪي فوج جي ڊرون ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر کي نشانو بڻايو ويو. پاسداران موجب، ڪويت ۾ ‘علي السالم ايئر بيس’ تي پيٽرياٽ ايئر ڊيفينس سسٽم ۽ فيول اسٽوريج ٽينڪن کي مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته ‘احمد الجابر فوجي اڏي’ تي هڪ ايف پي ايس ريڊار سسٽم کي به نشانو بڻايو ويو.

اڄ جون اهم اڳڀرايون

  • ايران جي انقلابي گارڊ آبنائي هرمز مان گذرڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٻن جهازن تي فائرنگ ڪئي، جڏهن ته ايران هن اهم سامونڊي رستي تي پنهنجو اختيار تسليم ڪرائڻ جو مطالبو جاري رکيو آهي.
  • آمريڪي حملن جي سلسلي دوران ايران جي ڏاکڻي شهر بندر عباس ۽ قشم ٻيٽ جي ويجهو ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.
  • بحرين جي فوج چيو آهي ته سندس فضائي دفاعي نظام ايران طرفان ڪيل ميزائل ۽ ڊرون حملن کي ناڪام بڻايو، ۽ تهران تي الزام لڳايو ته اهو منظم طريقي سان شهرين ۽ خانگي ملڪيتن کي نشانو بڻائي رهيو آهي.
  • ايراني خبرون ڏيندڙ اداري مهر موجب، آمريڪي حملن ۾ ايران جي شهر آبادان ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماڻهو مارجي ويا.
  • يمن جي عالمي سطح تي تسليم ٿيل حڪومت ايران ۽ حوثين تي پنهنجي فضائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو الزام هنيو آهي. يمن جي حڪومت صنعا جي هوائي اڏي جي رن وي تي ڌماڪا ڪيا آهن جيئن ڪو ايراني جهاز لينڊ نه ڪري سگهي.
  • هرمز مان جهازن جي گذرڻ جو انگ گهٽجي ويو آهي

سامونڊي سلامتي بابت تجزيه نگار ديمتريس مانياتس چيو آهي ته گذريل مهيني ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ معاهدو ٿيڻ کان پوءِ آبنائي هرمز مان گذرندڙ واپاري جهازن جو انگ پهرين ته وڏي پيماني تي وڌيو، پر هاڻي ان ۾ تمام وڏي گهٽتائي اچي وئي آهي. هن ٻڌايو ته گذريل ٽن ڏينهن دوران 26 جهاز ايراني رستي تان گذريا، 26 جهازن پنهنجا اليڪٽرانڪ ٽريڪنگ سسٽم بند ڪري ڇڏيا، جڏهن ته صرف 5 جهازن آمريڪي فوج جي حمايت واري عمان جي سامونڊي رستي کي اختيار ڪيو. هن الجزيره سان ڳالهائيندي چيو، “واضح آهي ته آبنائي هرمز هاڻي هڪ گڏيل بين الاقوامي سامونڊي نظام بدران ٻن متوازي ۽ مقابلي ڪندڙ گذرگاهن هيٺ هلي رهي آهي.” هن وڌيڪ چيو ته واپاري ڪمپنيون هاڻي اهڙا رستا چونڊي رهيون آهن، جيڪي عالمي طور قبوليل سامونڊي ضابطن بدران هر ڪمپني جي سياسي، واپاري ۽ سيڪيورٽي مفادن تي ٻڌل آهن. مانياتس موجب جاپان جي حڪومت ايران سان ڳالهين ذريعي آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل ست جاپاني جهازن کي محفوظ طور ٻاهر ڪڍرائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي.

جرمني، فرانس ۽ برطانيا پاران ايراني حملن جي مذمت

جرمني، فرانس ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزيرن ايران پاران آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن ۽ خطي جي ملڪن تي ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي. گڏيل بيان ۾ چيو ويو: “اسان آبنائي هرمز ۾ واپاري جهازن ۽ قطر، ڪويت، عمان ۽ اردن سميت علائقي جي ملڪن تي ايران جي وحشياڻن حملن جي سخت مذمت ڪريون ٿا.” اي-3 (E-3) نالي هن گروپ جنگبندي ٻيهر بحال ڪرڻ ۽ ڌرين وچ ۾ ڳالهين جي نئين سر شروعات جو مطالبو ڪيو.

اسرائيلي آبادڪارن بابت بيلجيم جي يورپي يونين تي تنقيد

بيلجيم يورپي يونين پاران غيرقانوني اسرائيلي آبادڪاري وارن علائقن مان درآمدات بابت اختيار ڪيل موقف کي ناڪافي قرار ڏنو آهي. بيلجيم جي پرڏيهي وزير ميڪسيم پريوو چيو ته يورپي يونين جون تازيون تجويزون حقيقي قدم کڻڻ بدران رڳو “علامتي قدم” لڳن ٿيون. هن صحافين کي ٻڌايو ته بيلجيم ڪيترن ئي مهينن کان غزه جي انساني بحران ۽ اسرائيل-فلسطين تڪرار بابت عملي قدمن جو مطالبو ڪري رهيو آهي. پريوو چيو: “يورپي ڪميشن آخرڪار ٻن صفحن تي ٻڌل ڪجهه تجويزون پيش ڪيون آهن، پر انهن مان حقيقي اڳڀرائي جي سنجيده خواهش بدران رڳو نمائشي قدم جو تاثر ملي ٿو.” هن وڌيڪ چيو: “اسان اهڙين واضح تجويزن جا خواهشمند آهيون، جن تي ميمبر ملڪ پنهنجو موقف اختيار ڪري سگهن، ووٽ ڏئي سگهن ۽ جن کي جلد پرڏيهي معاملن واري ڪائونسل آڏو پيش ڪري سگهجي.” اميد آهي ته يورپي ڪميشن جلد ئي ڪيترائي ممڪن قدم پيش ڪندي، جن ۾ غيرقانوني اسرائيلي آبادڪارين ۾ تيار ٿيندڙ شين جي برآمد لاءِ وڌيڪ سخت لائسنسنگ ضابطا، انهن شين تي وڌيڪ درآمدي محصول لاڳو ڪرڻ ۽ اهڙين آبادڪارين مان ٿيندڙ درآمدات تي جزوي يا مڪمل پابندي شامل هوندي.

يورپي يونين پاران غزه جي امداد لاءِ هڪ ارب ڊالر جو فنڊ

يورپي ڪميشن چيو آهي ته هن 15 ڀائيوارن سان گڏجي “ٽيم غزه انيشيئيٽو” شروع ڪيو آهي، جنهن تحت غزه لاءِ 883.6 ملين يورو (تقريباً هڪ ارب آمريڪي ڊالر) جي انتهائي ضروري امداد فراهم ڪئي ويندي. هي اقدام برسلز ۾ فلسطين ڊونر گروپ جي اجلاس دوران شروع ڪيو ويو، جنهن جو مقصد جنگ کان سخت متاثر غزه جي ماڻهن لاءِ جاري ۽ مستقبل جي بحالي وارن منصوبن جي مالي مدد ڪرڻ آهي. يورپ جا 12 ملڪ، جاپان، ورلڊ بئنڪ ۽ يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ پڻ هن منصوبي ۾ شامل آهن. يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي ڪايا ڪالس چيو: “يورپي يونين فلسطيني عوام لاءِ سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد ۽ معتبر ڀائيوار آهي.” هن وڌيڪ چيو: “غزه جي ماڻهن کي پنهنجي بنيادي ضرورتن جي پورائي، بحالي ۽ زندگي ٻيهر تعمير ڪرڻ لاءِ مسلسل مالي سهائتا جي ضرورت آهي. آخرڪار هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام فلسطيني عوام جي قيادت ۾ ٿيڻ گهرجي، پر ان لاءِ کين عالمي برادري جي مڪمل حمايت به گهربل آهي.”

ايران جا خطي ۾ آمريڪي اڏن تي حملا

ايران پاران امريڪي ڪاررواين جي جواب ۾ خطي جي ٽن ملڪن (ڪويت، بحرين ۽ اردن) ۾ قائم امريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو آهي. ايراني پاسداران انقلاب ۽ فوج پاران ڪيل انهن جوابي حملن جا تفصيل هيٺينءَ ريت آهن:

علي السالم ايئر بيس: ايران جي پاسداران انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ڪويت ۾ موجود هن امريڪي اڏي تي پيٽرياٽ ايئر ڊيفينس سسٽم (Patriot Air Defense System) ۽ فيول اسٽوريج ٽينڪن کي نشانو بڻائي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو.

احمد الجابر فوجي اڏو: ايراني فوج موجب، هن اڏي تي نصب ڪيل امريڪي ‘ايف پي ايس ريڊار سسٽم’ کي نشانو بڻايو ويو.

ڪويتي فوج جو ردعمل: ڪويت جي مسلح افواج جي سربراهه تصديق ڪئي آهي ته سندن فضائي دفاعي نظام ملڪي حدن ۾ داخل ٿيندڙ دشمن جي اهداف کي روڪڻ ۽ انهن سان منهن ڏيڻ ۾ مصروف آهي.

پرنس حسن ايئر بيس: ايران پاران اردن ۾ قائم هن امريڪي فوجي اڏي تي ميزائل اسٽوريج (ميزائل گودامن) ۽ فيول ٽينڪن کي نشانو بڻايو ويو.

اردني فوج جو ردعمل: اردن جي مسلح افواج جو چوڻ آهي ته انهن ايران پاران داغيا ويل 4 ميزائلن کي اردن جي فضائي حدن ۾ ئي ڪاميابيءَ سان تباهه ڪري ڇڏيو.

بحرين ۾ ٿيل حملا

شيخ عيسيٰ ايئر بيس: بحرين ۾ موجود هن امريڪي فوجي اڏي تي ايران پاران ڊرون حملا ڪيا ويا، جنهن ۾ امريڪي فوج جي ‘ڊرون ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر’ کي نشانو بڻايو ويو.

اردن جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ 4 ايراني ميزائل تباهه ڪيا ويا: اردن افواج

اردن جي مسلح افواج جو چوڻ آهي ته انهن ايران تان داغيا ويل 4 ميزائلن کي اردن جي فضائي حدن ۾ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف ڪويت جي مسلح افواج چيو آهي ته هو ملڪي فضائي حدن ۾ داخل ٿيندڙ دشمن جي اهداف سان منهن ڏئي رهيا آهن. ڪويتي فوج جي سربراهه سرڪاري خبر رساں ايجنسي کي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مسلح افواج هن وقت ڪويتي فضائي حدن ۾ موجود دشمن جي اهداف کي روڪڻ ۾ مصروف آهي.

ايراني فوج جو به ڪويت ۾ امريڪي فوجي اڏن تي ڊرون حملن جي دعويٰ

ايراني فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران تي ٿيندڙ تازن امريڪي حملن جي جواب ۾ ڪويت ۾ موجود انهن جڳهن کي نشانو بڻايو آهي جتي امريڪي فوجون مقرر آهن. ايراني فوج موجب، حملن ۾ ايئر ڊيفينس سسٽم، ميزائل سسٽم، پناهگاهن ۽ امريڪي فوج جي معاون تنصيبات کي نشانو بڻايو ويو.

امريڪا جي حاليه حملن ڪجهه مهينن جي سمورين سفارتي ڪوششن کي بي سود بڻائي ڇڏيو: ايران

ايراني پرڏيهي وزارت امريڪا جي تازن حملن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته امريڪا جي حاليه حملن ڪجهه مهينن جي سمورين سفارتي ڪوششن کي بي سود (ناڪام) بڻائي ڇڏيو. ايراني پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته امريڪا آبنائي هرمز ۾ ايران جي انتظامن ۾ کلي مداخلت ڪئي، جنهن سان نه صرف اتي ٻيهر عدم تحفظ واري صورتحال پيدا ٿي پر بين الاقوامي تجارتي جهاز راني ۾ به خلل پيو. بيان ۾ چيو ويو ته ڇنڇر جي ڏينهن مسقط ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو مرڪز آبنائي هرمز جي انتظام بابت هو، تنهن هوندي به امريڪا عمان تي دٻاءُ وجهي ان معاملي تي ڪنهن نتيجي تائين پهچڻ جو عمل روڪي ڇڏيو.

امريڪي فوج جو ايراني شهر ماهشهر ۾ واٽر پمپنگ اسٽيشن تي حملو، هڪ شخص مارجي ويو، 4 زخمي

ايران جي صوبي خوزستان جي هڪ اعليٰ عهديدار موجب، ماهشهر ۾ واقع زرعي واٽر پمپنگ اسٽيشن تي امريڪي حملي ۾ هڪ شخص مارجي ويو آهي جڏهن ته 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. ايراني خبر رساں ايجنسي ‘ارنا’ موجب، سيڪيورٽي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ معاملن جي ڊپٽي گورنر ولي الله حياتي ٻڌايو ته حملو اڄ صبح سوير هڪ ميزائل ذريعي ڪيو ويو. هن چيو ته حملي ۾ مارجي ويل شخص پمپنگ اسٽيشن تي مقرر سيڪيورٽي گارڊ هو. ولي الله حياتي موجب، زخمين جي حالت تي ريسڪيو ۽ طبي ٽيمون مسلسل نظر رکيون اچن ٿيون ۽ کين ضروري طبي امداد ڏني پئي وڃي. واضح رهي ته امريڪي فوج ايران تي وڌيڪ حملا ڪيا آهن جنهن جي ڪري بوشهر، بندر عباس، قشم ۽ جاسڪ ۾ ڌماڪا ٿيا.

امريڪي فوج جا ايران تي وڌيڪ حملا شروع

امريڪي فوج ايران تي وڌيڪ حملا شروع ڪري ڏنا آهن.امريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اڄ امريڪي فوجن ايران خلاف وڌيڪ حملن جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. سينٽڪام موجب، انهن حملن جو مقصد آبنائي هرمز تان گذرندڙ شهري بحري ٻيڙن ۽ تجارتي جهازن تي حملا ڪرڻ جي ايراني صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ آهي. بيان ۾ چيو ويو ته امريڪي ڪمانڊر ان چيف انهن حملن جي هدايت ڏني آهي ته جيئن ايراني فوجن کي سندن قدمن تي جوابده بڻائي سگهجي. ايراني ميڊيا موجب، ايران جي شهر بندر عباس ۾ ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا. ٻئي طرف امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ايراني پاسداران انقلاب آبنائي هرمز تان گذرندڙ ڪمرشل جهاز تي فائرنگ ڪئي. امريڪي لڙاڪا طياري ايراني ڪروز ميزائل ۽ ڊرون کي ڪيرائي وڌو.

پهنجو تبصرو موڪليو