تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي ايٽمي پروگرام ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي. يورپي يونين جي عملدارن جو چوڻ آهي ته ڪجهه رڪاوٽن تي پيش رفت ٿي رهي آهي، جنهن ۾ ضمانتون شامل آهن ته آمريڪا مستقبل ۾ ڊيل مان پوئتي نه هٽندو.عالمي طاقتن ۽ ايران وچ ۾ هلندڙ سال مارچ کان پوءِ اها پهرين ملاقات آهي.ان کان اڳ، 2021 ۾ آمريڪا ۾ ٻيهر شامل ٿيڻ جي ڳالهين کي روڪيو ويو هو.










