ٻن آمريڪي فوجين جي بدلي ۾ پاسدارن انقلاب تي حملا، جنگ ڦهلجڻ جو خدشو

ٻن آمريڪي فوجين جي بدلي ۾ پاسدارن انقلاب تي حملا، جنگ ڦهلجڻ جو خدشو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج اعلان ڪيو آهي ته هن ايران جي خلاف حملن جو تازو مرحلو مڪمل ڪري ورتو آهي. آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) موجب، انهن حملن ۾ ايراني فوج جي ساحلي نگراني جي تنصيبات، فضائي دفاعي نظام، بحري صلاحيتن ۽ ميزائل و ڊرون ذخيرو ڪرڻ واريون جايون ۽ تعمير هيٺ ايٽمي سائيٽ کي نشانو بڻايو ويو. سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي فوج پاسداران انقلاب جي انهن فورسز کي به نشانو بڻايو، جن تي الزام آهي ته هنن جمعي جي ڏينهن اردن ۾ آمريڪي فوجين تي حملا ڪيا هئا، جنهن ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا هئا ۽ هڪ لاپتا آهن، جنهن بعد ايران جنگ جي ابتدا کان آمريڪي فوجين جي مرڻ جو انگ 16 ٿي ويو آهي. “الجزيره موجب ڪيترين ئي پلن کي نشانو بڻايو ويو آهي، ان کان علاوه ريلوي لائينون، سرنگهون، هوائي اڏا ۽ روڊ پڻ متاثر ٿيا آهن. شهري ڍانچي جي تباهي ماڻهن، سامان ۽ لاجسٽڪ فراهمين جي اچ وڃ کي وڏي حد تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي.” تهران ۾ موجود رپورٽر موجب اسپتالن کي خالي ڪرايو ويو، جڏهن ته اسڪولن ۾ ٿيندڙ امتحان پڻ ملتوي ڪيا ويا آهن ۽ لڳي رهيو آهي ته ڏکڻ ايران کي آمريڪا باقي ايران کان ڪٽڻ چاهي ٿو.

اردن ۾ آمريڪي اڏن تي ايراني حملن ۾ 2 فوجي ماريا ويا ۽ درجنن زخمي ٿيا، ڪيترن ئي هيلي ڪاپٽرن کي نقصان پهتو: آمريڪي اخبار

آمريڪي اختيارين موجب ايران گذريل 5 ڏينهن دوران اردن ۾ آمريڪي فوجن تي 4 وڏا حملا ڪيا آهن، جن ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ درجنن زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته ڪيترن ئي هيلي ڪاپٽرن کي پڻ نقصان پهتو آهي. آمريڪي اخبار ‘نيويارڪ ٽائمز’ آمريڪي اختيارين جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته اهي مسلسل حملا ان ڳالهه جو اشارو آهن ته ايراني فوج وٽ نه صرف ميزائلن جو وڏو ذخيرو موجود آهي، پر آمريڪي فضائي دفاعي نظام کي چڪمو ڏيڻ جي سندن صلاحيت ۾ به اضافو ٿي چڪو آهي. آمريڪي اختيارين موجب، گذريل 5 ڏينهن دوران سڀ کان پهرين ايراني حملي ۾ ‘ڪنگ فيصل ائير بيس’ ۾ واقع رهائشي عمارت کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 5 آمريڪي اهلڪار زخمي ٿيا. ٻئي حملي ۾ اڀرندي (مشرقي) اردن جي هڪ اڏي کي نشانو بڻايو ويو جتي آمريڪي بليڪ هاڪ هيلي ڪاپٽر موجود هئا، ان حملي ۾ ڪيترن ئي هيلي ڪاپٽرن کي سخت نقصان پهتو. ان کانپوءِ ايراني ميزائلن ‘موافق السلط ائير بيس (ازرق)’ کي نشانو بڻايو، جتي بنڪرن ۾ پناهه وٺندڙ تقريبن 20 آمريڪي فوجي زخمي ٿي پيا، پر ان حملي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو. جمعي واري ڏينهن ان ئي اڏي تي ٻيهر حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ 4 ٻيا زخمي ٿيا. اختيارين موجب ڪجهه اهلڪارن کي معمولي ڌڪ رسيا هئا، جن کي طبي معائني کانپوءِ ٻيهر ڊيوٽي تي موڪليو ويو. گذريل ڏينهن آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) اردن ۾ ايران جي بيلسٽڪ ميزائل حملن ۾ پنهنجن 2 فوجين جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ جو اعتراف ڪيو هو. سينٽڪام پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 17 جولاءِ تي اردن ۾ آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ ۽ ان جا اتحادي دستا ايراني بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرون حملن خلاف دفاع ڪري رهيا هئا ته ان دوران 2 آمريڪي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ آمريڪي فوجي اڃا تائين گم آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ ايراني پاسداران انقلاب اردن ۾ آمريڪا جي ‘الازرق ائير بيس’ کي نشانو بڻائڻ جو اعلان ڪيو هو. پاسداران انقلاب جو چوڻ هو ته اردن ۾ الازرق ائير بيس کي ميزائلن ۽ ڊرونز سان نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ اڏي تي موجود 2 فائٽر جيٽس ۽ 3 آمريڪي جهاز تباهه ٿيا. حملي ۾ فائٽر جيٽ شيلٽرز ۽ پارکنگ ريمپ کي به نشانو بڻايو ويو.

آمريڪي حملن کانپوءِ ايران جي جوابي ڪارروائي، ڪويت ۾ آمريڪي فوجي هدفن کي نشانو بڻايو ويو

آمريڪي حملن کانپوءِ ايران جي جوابي ڪارروائي شروع ٿي وئي آهي. ايراني ميڊيا ايراني فوج جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ايراني فوج پاران ڪويت ۾ موجود ٻن آمريڪي فوجي اڏن کي نشانو بڻايو ويو. سرڪاري ٽي وي تي جاري ڪيل ايراني فوج جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ‘ڪيمپ الاديري’ تي ڊرون سان هٿيارن جي ڊپو کي ۽ ‘علي السالم ائير بيس’ تي پيٽرياٽ دفاعي نظام جي ريڊارن کي نشانو بڻايو ويو.

آمريڪي فوج تازي ڪارروائي ۾ سيرڪ جي ويجهو حملا ڪيا: ايراني ميڊيا

ايراني ميڊيا موجب، آمريڪي فوج تازي ڪارروائي ۾ سيرڪ جي ويجهو حملا ڪيا آهن؛ آمريڪي فوج حاجي آباد شهر جي ويجهو علائقي کي نشانو بڻايو. ايراني شهر بندر عباس ۽ قشم ٻيٽ (جزيري) ۾ به ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا.

آمريڪي صدر جي هدايت تي ايران تي فضائي حملن جي شروعات ڪئي وئي: سينٽڪام

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽڪام) چيو آهي ته آمريڪي صدر جي هدايت تي آمريڪي فوج ايران جي خلاف نوان فضائي حملا شروع ڪري ڏنا آهن. سينٽڪام پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهي حملا آبناءِ هرمز ۾ تجارتي جهازن جي اچ وڃ کي خطرن کان محفوظ رکڻ، ايران جي صلاحيت کي وڌيڪ ڪمزور ڪرڻ ۽ گذريل رات اردن ۾ آمريڪي فوجين تي حملا ڪندڙ ايراني فورسز کي فوري سزا ڏيڻ جي مقصد سان ڪيا ويا آهن. سينٽڪام فوري طور تي حملن جي جڳهن يا نقصانن جا تفصيل جاري ناهن ڪيا.

ٽرمپ پينٽاگون کي پوري شدت سان ايران تي بمباري جو حڪم ڏئي ڇڏيو: روسي ميڊيا

روسي ميڊيا موجب، اردن ۾ 2 آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ کانپوءِ صدر ٽرمپ پينٽاگون کي پوري شدت سان ايران تي بمباري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. صدر ٽرمپ اردن تي ايران جي ميزائل حملن ۾ 2 آمريڪي فوجين جي هلاڪت تي پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي هن واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏنو. صدر ٽرمپ چيو ته اها صورتحال ڏسي کيس تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي، هو ايران کي ڪڏهن به ائٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ نه ڏيندو؛ جيڪڏهن ايران ڊيل تي عمل ناهي ڪري رهيو ته آمريڪا کي به ڪا پرواه ناهي. آمريڪي وزير جنگ (دفاع) پيٽ هيگسيٿ چيو آهي ته فوجين جي قرباني سان آمريڪا جو عزم وڌيڪ مضبوط ٿيو آهي.

شهري املاڪ تي حملا ڪنهن به صورت ۾ قبول جوڳا ناهن: يو اي اي

گڏيل عرب امارات (يو اي اي) مشرقِ وسطيٰ ۾ ڇڪتاڻ فوري طور ختم ڪرڻ ۽ ڳالهين ڏانهن واپس اچڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. خليجي ميڊيا موجب، گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته شهري انفراسٽرڪچر تي ڪو به حملو بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول يا جائز ناهي. هاڻوڪي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي گڏيل عرب امارات زور ڏنو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ محفوظ ۽ بنا ڪنهن روڪاوٽ جي جهازن جي اچ وڃ کي يقيني بڻايو وڃي.

آمريڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجن شهرين لاءِ ٽريول الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

آمريڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجن شهرين لاءِ سفري الرٽ (ٽريول الرٽ) جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت (اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ) پاران آمريڪي شهرين کي خبردار ڪيو ويو آهي ته آمريڪا جي سفارتي تنصيبات کي به نشانو بڻايو ويو آهي ۽ ايران جي حمايت ڪندڙ گروهه پرڏيهه ۾ آمريڪي مفادن ۽ آمريڪي شهرين تي حملا ڪري سگهن ٿا. ميڊيا رپورٽن موجب، الرٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته صورتحال پيچيده آهي ۽ ڇڪتاڻ ۾ اوچتو اضافو ٿي سگهي ٿو.

ايران آمريڪي ميزائل دفاعي نظام جو ٽوڙ ڪڍي هدفن تي درستگي سان حملا ڪيا: روسي ميڊيا

ايران آمريڪي ميزائل دفاعي نظام جو ٽوڙ ڪڍي هدفن کي تاڙي تاڙي نوان حملا ڪيا آهن. روسي ميڊيا موجب، ايران جا نوان ميزائل انتهائي تيز رفتاري سان هدف ڏانهن وڌن ٿا ۽ نشانو بڻائڻ کان اڳ پنهنجي پوزيشن کي مختلف انداز سان تبديل ڪن ٿا. پينٽاگون ان ڳڻتي ۾ مبتلا آهي ته تهران ڪيئن حساس هدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائي رهيو آهي. هي ڳالهه اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن جمعي تي اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏي تي ايراني حملن ۾ ٻن آمريڪي فوجين جي مارجي وڃڻ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.

قومي اتحاد ۽ سپريم ليڊر جي رهنمائي ايران جو سڀ کان وڏو سرمائو آهي: صدر پزشڪيان

ايران جي صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي جو ڏاهپ ڀريو ۽ قومي اتحاد کي هٿي ڏيندڙ پيغام قومي مفادن جي تحفظ ۽ ايران جي عزت و وقار لاءِ سڀ کان اهم سرمائو آهي. صدر پزشڪيان پنهنجي بيان ۾ چيو ته موجوده تاريخي مرحلي تي قومي اتحاد جي تقاضن تي عمل ڪرڻ ۽ اختلافن و ورهاست کان پاسو ڪرڻ ئي ڪاميابي جي ڪنجي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته قومي يڪجهتي کي برقرار رکندي پاڻ ۾ هم آهنگي کي وڌائڻ ايران جي مفادن جي تحفظ ۽ موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ناگزير آهي.

يورپي يونين ۽ خليجي ملڪن پاران آبناءِ هرمز ۾ جهاز راني تي اجازت نامي يا فيس لاڳو ڪرڻ جي مخالفت

يورپي يونين ۽ خليجي ملڪن آبناءِ هرمز تي ڪنهن به غيرقانوني دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. يورپي يونين ۽ خليجي ملڪن گڏيل بيان ۾ آبناءِ هرمز ۾ بين الاقوامي جهاز راني تي اجازت نامي (پرمٽ) يا فيس لاڳو ڪرڻ جي به مخالفت ڪئي آهي. يورپي يونين ۽ خليجي ملڪن ايران کان مطالبو ڪيو آهي ته هو آبناءِ هرمز کي بنا ڪنهن شرط جي کولي.

پهنجو تبصرو موڪليو