ايران تي آمريڪا پاران نيون تجارتي پابنديون لاڳو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) امريڪا ايران جي آئل سيڪٽر تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون آهن، ايران تي شام ۽ وينزويلا کي تيل جي وڪري تي به پابندي لڳائي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران امريڪا ڇڪتاڻ ۾ مسلسل واڌارو ٿي رهي آهي، آمريڪا جو چوڻ آهي ته پابنديون دهشتگردي جي خاتمي واري اٿارٽي تحت لڳايون ويون آهن. ٻئي طرف ايراني پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته آمريڪا مڃي ته هو پابنديون لڳائڻ باوجود گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.هن چيو ته ايران سان اقتصادي جنگ سان آمريڪي اثر رسوخ وڌڻ بدران گهٽجي ويندو. مبصرن جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ اليڪشن خاطر پراڻين پابندين کي نئون روپ ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو