ابو ظهبي(ويب ڊيسڪ)آمريڪا جي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته جيڪڏهن ايران اهو فيصلو ڪري ته هو “هڪ ملڪ” بڻجڻ چاهي ٿو، نه ڪي “انقلابي تحريڪ”، ته پوءِ اهو نون معاشي موقعن مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو، جن ۾ سيڙپڪاري پڻ شامل آهي. اهڙو اظهار هن گلف جي دوري دوران ابو ظهبي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو: “ايران کي غيرمعمولي ترقي جا موقعا ملندا.” روبيو چيو: “مان اها ضمانت نٿو ڏيان ته هو اهڙو ئي فيصلو ڪندا. پر جيڪڏهن هو اهو رستو اختيار ڪن ٿا، ته پوءِ انهن لاءِ ڪيترائي موقعا پيدا ٿيندا. انهن موقعن ۾ سيڙپڪاري به شامل ٿي سگهي ٿي، جيئن اوهان هن علائقي جي ٻين ملڪن کي پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري مان فائدو حاصل ڪندي ڏٺو آهي. اها اسان جي سيڙپڪاري نه هوندي ۽ نه ئي آمريڪي حڪومت جو پئسو هوندو.” روبيو وڌيڪ چيو ته ايران جي سياسي مستقبل جو دارومدار ان ڳالهه تي هوندو ته “سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ٻين ڪيترن ئي معاملن” تي ڪيتري اڳڀرائي ٿئي ٿي، جن تي ايندڙ ڏينهن ۾ ڳالهيون ڪيون وينديون. روبيو اهو به چيو ته جڏهن حتمي معاهدو طئي ٿي ويندو ته ايران آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن کان ٽول يا محصول وصول نه ڪري سگهندو. هن اهو پڻ واضح ڪيو ته لبنان بابت ڳالهين کي تهران سان آمريڪا جي ڳالهين کان الڳ رکيو ويندو.
ايران جي ايٽمي سائيٽس جو معائنو حتمي معاهدي ۾ طئي ٿيل اصولن موجب ٿيندو، ايران
ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته گڏيل قومن جي جاچ ڪندڙن کي حملن جو شڪار ٿيل جوهري تنصيبات ۽ مواد تائين رسائي ڏيڻ واري معاملي تي “صرف آمريڪا سان ٿيندڙ حتمي معاهدي جي فريم ورڪ اندر غور ۽ فيصلو ڪيو ويندو.” هن چيو ته گڏيل قومن جي جاچ جو دارومدار “ٻنهي ڌرين طرفان سڀني پابندين جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻ” تي آهي. هڪ بيان ۾ غريب آبادي وڌيڪ چيو ته سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيندڙ ڳالهين دوران ڪنهن به ايراني عملدار رافائيل گروسي سان ملاقات نه ڪئي، “جيتوڻيڪ هن اهڙي ملاقات جي درخواست ڪئي هئي.” ان کان اڳ، عالمي اٽامڪ ايجنسي جي سربراهه رافائيل گروسي چيو هو ته ايراني جوهري تنصيبات جي جاچ “ضرور ٿيندي.” هن چيو: “اهو اڄ ٿئي، سڀاڻي ٿئي، هڪ هفتي کان پوءِ ٿئي يا ڏهن ڏينهن کان پوءِ، اهو اهم ضرور آهي پر بنيادي ڳالهه نه آهي. اها جاچ هر صورت ۾ ٿيندي.” ياد رهي ته اهي خبرون به سامهون آيون آهن ته اٽامڪ ايجنسي جي انسپيڪٽرن جي روپ ۾ اسرائيل ۽ آمريڪي سي آءِ اي جا نمائندا به ٿي سگهن ٿا.
آمريڪا ۽ ايران ۾ سوئزرلينڊ ڳالهين بعد ٿيل اهم پيش رفت
آمريڪا ايران جي تيل جي برآمدن تي لاڳو پابندين ۾ 60 ڏينهن لاءِ نرمي ڪئي آهي، ۽ ايران جي مطابق منجمد ڪيل فنڊن مان 12 ارب ڊالر پڻ جاري ڪيا ويا آهن. لبنان ۾ جنگبندي گهڻي حد تائين برقرار نظر اچي رهي آهي، جڏهن ته آمريڪا ۽ ايران اتي فوجي ڪارروايون ختم ڪرڻ لاءِ هڪ “ڊي ڪنفليڪشن سيل” (تڪرارن جي روڪٿام وارو گڏيل رابطا مرڪز) قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هرمز بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته “هاڻي وڌيڪ ڪا بحري ناڪابندي نه هوندي”، جڏهن ته سامونڊي آمدرفت جي انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن اهم آبي رستي ۾ جهازن جي اچ وڃ ۾ “نمايان واڌ” آئي آهي. تنهن هوندي به، ڪيترن ئي اهم معاملن تي اختلاف سامهون آيا آهن. واشنگٽن جو چوڻ آهي ته آزاد ڪيل ايراني اثاثا آمريڪي زرعي شين جي خريداري لاءِ استعمال ڪيا ويندا، پر تهران جو موقف آهي ته اهي فنڊ “ايران مڪمل آزادي سان پنهنجي مرضي مطابق استعمال ڪندو.” آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ نائب صدر جي ڊي وينس دعويٰ ڪن ٿا ته ايران انٽرنيشل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي جاچ ڪندڙن کي ٻيهر ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏيڻ تي راضي ٿي ويو آهي، پر ايراني عملدارن جو چوڻ آهي ته ان بابت اڃا تائين ڪو شيڊيول يا وقت مقرر نه ڪيو ويو آهي. آمريڪا اهو پڻ چوي ٿو ته ايران کي آبنائي هرمز مان گذرندڙ جهازن کان ٽول يا محصول وصول ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته تهران اصرار ڪري ٿو ته هن اهم سامونڊي رستي ۾ جنگ کان اڳ واري صورتحال ڏانهن واپسي نه ٿيندي.
ڏکڻ لبنان ۾ هزارين ماڻهن جا گهر تباهه ٿي چڪا آهن، يو اين
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ چيو آهي ته هڪ نئين جائزي موجب لبنان ۾ حملن بعد ڏکڻ لبنان ۾ 11 هزار کان وڌيڪ رهائشي عمارتون “مڪمل طور تباهه” ٿي ويون آهن. هن نيويارڪ ۾ صحافين کي ٻڌايو ته وڌيڪ 2,200 عمارتون جزوي طور تي نقصان جو شڪار ٿيون آهن. هن چيو ته: “ڪيترن ئي خاندانن لاءِ ان جو مطلب اهو آهي ته هاڻي واپس وڃڻ لاءِ سندن ڪو گهر ئي موجود ناهي.” هن وڌيڪ چيو: “مسلسل غيريقيني صورتحال، وڏي پيماني تي تباهي ۽ اڻڦاٽل بارودي مواد جي خطري سبب ماڻهن جي محفوظ ۽ پائيدار واپسي اڃا تائين ممڪن نه ٿي سگهي آهي.” تنهن هوندي به، ڪيترائي ماڻهو ڏکڻ لبنان ڏانهن واپس وڃڻ جو سلسلو جاري رکيو ويٺا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل رات دوران 19 هزار ماڻهو پناهگاهن مان نڪري ويا، جنهن کان پوءِ پناهگاهن ۾ رهندڙ ماڻهن جو انگ گهٽجي لڳ ڀڳ 90 هزار رهجي ويو آهي.
هرمز لنگهه کلڻ بعد تيل جي قيمتن ۾ لڳاتار لاٿ رڪارڊ
آبنائي هرمز ٻيهر کولڻ بابت اميدن سبب تيل جون قيمتون مسلسل گهٽجي رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته عالمي منڊي ۾ تيل جي فراهمي وڌڻ جو امڪان پيدا ٿيو آهي. برينٽ خام تيل جا فيوچرز، جيڪي عالمي معيار سمجهيا وڃن ٿا، 0.5 سيڪڙو گهٽجي في بيرل 76.71 ڊالر تي واپار ٿي رهيا هئا (00:43 GMT تائين). ان کان اڳ اڱاري ڏينهن برينٽ خام تيل لڳ ڀڳ 1 سيڪڙو گهٽجي مارچ جي شروعات کانپوءِ پنهنجي گهٽ ترين سطح تي پهچي ويو هو. آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ جي شروعاتي مرحلي ۾ توانائي جون قيمتون تيزي سان وڌي ويون هيون، جڏهن تهران آبنائي هرمز بند ڪري دنيا جي سڀ کان اهم سامونڊي واپاري رستن مان هڪ کي متاثر ڪيو هو. ٻنهي ڌرين طرفان توانائي جي ڍانچي تي ڪيل حملن سبب قيمتون وڌيڪ وڌي ويون هيون.
اسرائيل، غزه ۾ ڄاڻي واڻي ٻارن کي قتل ڪري رهيو آهي، يو اين
گڏيل قومن (يو اين) جي هڪ جاچ ڪميشن چيو آهي ته اسرائيل غزه ۾ ڄاڻي واڻي فلسطيني ٻارن کي نشانو بڻائي کين قتل ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي، جنهن جا نتيجا نسل ڪشي، جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي صورت ۾ سامهون آيا آهن. ڪميشن موجب والاريل اولهه ڪناري ۾ پڻ جنگي ڏوهه ٿيا آهن. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل رپورٽ ۾ والاريل فلسطيني علائقن، جن ۾ اوڀر يروشلم به شامل آهي، بابت گڏيل قومن جي آزاد بين الاقوامي جاچ ڪميشن اسرائيل طرفان آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه خلاف شروع ڪيل جنگ کان پوءِ فلسطيني ٻارن خلاف ڪيل مبينا ڀڃڪڙين جو جائزو ورتو.
هرمز مان جهازن جي گذرڻ جو انگ ٽيڻ تي وڌي ويو، مرين ٽريفڪ
سامونڊي آمدرفت جي نگراني ڪندڙ اداري “مرين ٽرئفڪ” موجب آبنائي هرمز مان جهازن جي آمدرفت ۾ نمايان واڌ آئي آهي، ۽ لڳاتار ٻن هفتيوارن موڪلن دوران تقريباً ٽيڻ تي پهچي وئي آهي. اداري چيو ته ان جي انگن اکرن ۽ “ڪپلر” جي ڊيٽا موجب 12 کان 14 جون جي وچ ۾ 32 جهازن جي گذرڻ جي ڀيٽ ۾ 19 کان 21 جون دوران 93 جهازن آبنائي مان گذر ڪيو. مرين ٽرئفڪ موجب “تازين سفارتي اڳڀرائين” ۽ آمريڪا طرفان ايراني تيل تي پابندين ۾ عارضي نرمي سبب هي بحالي ممڪن ٿي آهي، جنهن 21 آگسٽ تائين منظور ٿيل هرمز ٽرانزٽ بابت فوري قانوني خدشن کي گهٽايو آهي. هڪ ٻي نگراني ڪندڙ اداري “ونڊورڊ” چيو ته هن سومر 22 جون تي 25 جهازن جي گذرڻ جو رڪارڊ ڪيو، پر موجوده صورتحال “شروعاتي بحالي” جي نشاندهي ڪري ٿي، مڪمل طور معمول تي واپسي جي نه.
ڏکڻ ڪوريا جا وڌيڪ 4 جهاز هرمز مان گذري ويا آهن، وزارت
ڏکڻ ڪوريا جي سمنڊن ۽ ماهيگيري واري وزارت چيو آهي ته ڏکڻ ڪوريا سان لاڳاپيل وڌيڪ چار جهاز محفوظ نموني آبنائي هرمز مان نڪري ويا آهن، جنهن سان علائقي مان نڪرندڙ جهازن جو ڪل انگ ڇهه ٿي ويو آهي. وزارت موجب: “اسان جي شپنگ ڪمپنين پاران هلندڙ چار جهاز، جيڪي آبنائي هرمز جي اندر انتظار ۾ بيٺل هئا، هاڻي آبنائي پار ڪري معمول مطابق سفر ڪري رهيا آهن.” وزارت وڌيڪ ٻڌايو ته انهن جهازن تي 26 ڪورين عملي جا ميمبر سوار هئا، جڏهن ته انهن مان هڪ جهاز واپس ڏکڻ ڪوريا ڏانهن روانو ٿي رهيو آهي. انهن جهازن جي روانگي کان پوءِ آبنائي هرمز جي اندر موجود ڏکڻ ڪوريا سان لاڳاپيل جهازن جو انگ گهٽجي 18 رهجي ويو آهي، جيئن ڏکڻ ڪوريا جي خبرن واري اداري يونهاپ رپورٽ ڪيو آهي.










