ايران اسرائيل جنگ ۽ صدر ٽرمپ جو فيلڊ مارشل کي ڏنل لنچ !

ايران اسرائيل جنگ ۽ صدر ٽرمپ جو فيلڊ مارشل کي ڏنل لنچ !

ليکڪ : باقر سجاد
18 جون جو ڏينهن وائٽ هائوس ۾ هڪ غيرمعمولي ڏينهن هو؛ آمريڪي صدر طرفان پهريون ڀيرو ڪنهن پاڪستاني آرمي چيف کي ايتري اعليٰ سطح تي، اڪيلو، ميزباني جو اعزاز ڏنو ويو. جيئن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي سهڪار جا ڏهاڪن کان لاڳاپا آهن، ان جي باوجود به هي ملاقات مڪمل طور تي هڪ انوکو واقعو هئي.
ملاقات جو پس منظر تمام اهم هو، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ تڪرار، جيڪو خطي ۾ وڏي جنگ جي امڪان ڏانهن وڌي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ فيلڊ مارشل عاصم منير کي ڪيبنيٽ روم ۾ بند دروازن پٺيان لنچ تي ڀليڪار ڪيو. نمايان ڳالهه اها هئي ته پاڪستان طرفان ڪو به سويلين نمائندو موجود نه هو. نه سفير، نه پرڏيهي وزير، صرف آرمي چيف ۽ پاڪستان جي اعليٰ انٽيليجنس آفيسر ليفٽننٽ جنرل عاصم ملڪ، جيڪو ساڳئي وقت قومي سلامتي جو مشير به آهي.
آمريڪا طرفان صدر ٽرمپ، اسٽيٽ سيڪريٽري سينيٽر مارڪو روبيو ۽ وچ اوڀر معاملن لاءِ خاص نمائندو اسٽيو وِٽڪوف موجود هئا. محدود مهمانن جي فهرست، ٻنهي ڌرين جي طرفان ان ملاقات کي ڏنل حڪمت عملي اهميت کي اجاگر ڪري رهي هئي. ان ملاقات جي دلچسپ هجڻ ۽ علامتي قدر هوندي، ذريعن ڊان کي ٻڌايو ته اها ملاقات ڪنهن حتمي فيصلي لاءِ نه، پر وڌيڪ جاچ ۽ ابتدائي مشاورت لاءِ هئي.
آءِ ايس پي آر (فوج جو ميڊيا ونگ) هڪ بيان ۾ چيو: جيتوڻيڪ اها ملاقات هڪ ڪلاڪ لاءِ مقرر هئي، پر اها ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهي، جيڪا ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته ڳالهه ٻولهه ۾ کوٽ ۽ خيرسگالي هئي.”
ملاقات دوران ڪيترائي اهم موضوع بحث هيٺ آيا، جن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ، اسلام آباد جي ڪرپٽو ڪرنسي ۾ دلچسپي، ناياب معدنيات جي آڇ، ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي سهڪار جا امڪان شامل هئا. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته: “ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ موجوده ڇڪتاڻ تي به تفصيل سان خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ۽ ٻنهي ڌرين تڪرار جي پرامن حل تي زور ڏنو.” صدر ٽرمپ به اها ڳالهه ورجائي ته پاڪستان وٽ ايران کي سمجهڻ جي خاص صلاحيت آهي، جيڪا آمريڪا لاءِ اهم ٿي سگهي ٿي. تنهن هوندي، ٻنهي طرفن جي ذريعن موجب اها ڳالهه ٻولهه ڪو واعدو نه پر هڪ ابتدائي اندازو لڳائڻ وارو عمل هئي.
ڇا پاڪستان ايران جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي؟
ملاقات جي ايندڙ ڏينهن، پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ايران-اسرائيل جنگ بابت پنهنجو موقف واضح ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو:
“اسين ايران اندر اسرائيل جي ڪارروائين جي سخت مذمت ڪريون ٿا. اهي بين الاقوامي قانون، انساني حقن، ۽ رياستي اخلاقيات جي خلاف ورزي آهن.” هن وڌيڪ چيو: “اسان جي ايران لاءِ حمايت بنيادي نوعيت جي آهي. اها واضع آهي ۽ اگر مگر واري ناهي. ڪنهن به پاڪستاني لاءِ، يا حڪومت لاءِ، اسرائيل جي پاسي بيهڻ جو تصور به ممڪن ناهي.” پر جڏهن کائنس سوال ڪيو ويو ته ڇا پاڪستان ايران جي فوجي مدد ڪري سگهي ٿو، ته ترجمان چيو: “هن وقت ڪنهن به قسم جي فوجي مدد بابت ڳالهائڻ قبل از وقت آهي. اسان کي ايران طرفان ان ڏس ۾ڪا به سڌي درخواست نه ملي آهي.”
پاڪستان جو جواب صرف ايران جي فوجي مدد کان انڪار نه آهي، پر پنهنجي روايتي “توازن واري پاليسي” جو اظهار به آهي. ايران سان اخلاقي همدردي، سفارتي طور تڪرار گهٽائڻ جي واعدي سان، ۽ فوجي طور غيرجانبدار هجڻ سان، اسلام آباد هڪ حساس صورتحال سنڀالي رهيو آهي. اها پاليسي پاڪستان جي پنهنجن تجربي تي ٻڌل آهي، خاص ڪري ڀارت سان تڪرارن ۽ نيوڪليئر مقابلي جي خطري سان. رڳو گذريل مهيني پهلگام حملي کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اوپن وار جو خطرو پيدا ٿيو هو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ايران جي نيوڪليئر تنصيبات تي اسرائيلي حملي جي پڻ مذمت ڪئي: “آئي اي اي اي جي سيف گارڊ هيٺ موجود نيوڪليئر تنصيبات تي حملو بين الاقوامي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. اسين ان جي مذمت ڪريون ٿا.”
اها ڳالهه اسلام آباد جي اندروني خدشي کي ظاهر ڪري ٿي. عالمي معيار جو ٽٽڻ. جيڪڏهن هڪ ملڪ ٻي ملڪ جي نيوڪليئر تنصيبات تي بي حساب حملو ڪري سگهي ٿو، ته پوءِ عالمي سيڪيورٽي جا اصول ڀڄي پون ٿا، جيڪو پاڪستان جهڙي نيوڪليئر رياست لاءِ انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، خاص ڪري جڏهن ان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت به نيوڪليئر هٿيارن سان ليس آهي.
هڪ بيان ۾ آءِ ايس پي آر چيو: “آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ گذريل ٽن ڏينهن ۾ جيڪي لاڳاپا بهتر ٿيا آهن، اُهي ڀارت ٽن ڏهاڪن ۾ به حاصل نه ڪري سگهيو.”
هيءَ ڳالهه فوج جي انهيءَ نقطه نظر کي ظاهر ڪري ٿي ته اها ملاقات پاڪستان جي سيڪيورٽي معاملن ۾ فوج جي اهم حيثيت جي تصديق هئي. آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته ملاقات آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۾ تبديلي جو اشارو آهي، ۽ پاڪستان کي هاڻ اسٽريٽجڪ اهميت ڏني پئي وڃي.
پر ڪيبنيٽ روم جو منظر ، ٽرمپ سامهون پاڪستاني جنرلن سان، جڏهن ته پاڪستاني سياسي قيادت غائب، ڪيترن ئي پاسن کان پريشان ڪندڙ به آهي.
سابق وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو: “ڪابه جمهوريت ڪنهن ٻئي ملڪ سان لاڳاپا قائم ڪندي ته هميشه شهري قيادت سان رابطو ڪندي آهي! پر پاڪستان هاڻ مختلف پيغام ڏئي رهيو آهي!”
‘مفت جو لنچ ناهي’
نئين دهلي ۾ به هن ملاقات کي هڪ الرٽ طور ورتو ويو. تجزيه نگارن ان کي آمريڪا ڀارت لاڳاپن لاءِ هڪ ڌچڪو قرار ڏنو. وزيراعظم نريندر مودي جي وائٽ هائوس جي دعوت کي “مصروفيتن” جي بنياد تي رد ڪرڻ به ظاهر ڪري ٿو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تنقيد هيٺ آهن. پر ٽرمپ لاءِ، منير سان لنچ هڪ حڪمت عملي هئي. اسرائيل آمريڪا کي ايران جي خلاف مداخلت لاءِ زور ڏئي رهيو آهي، ۽ آمريڪي فوج خفيه طور تي خليج ۾ پوزيشن وٺي رهي آهي، اهڙي حالت ۾ ٽرمپ هڪ اهڙو ساٿي ڳولي رهيو آهي جنهن وٽ خطي جي ڄاڻ ۽ انٽيليجنس هجي ۽ پاڪستان هن معيار تي پورو لهي ٿو.
ٽرمپ رپورٽرن کي چيو: “اهي ايران کي تمام چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا، گهڻن کان بهتر.”
“هو (منير) مون سان متفق هو،” ٽرمپ وڌيڪ چيو، “اهي ايران بابت جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي، اُن تي خوش نه آهن. اهو به ناهي ته اهي اسرائيل سان خراب آهن.”
پر اهو”اتفاق” ڪهڙي ڳالهه تي هو، ايران جي نيوڪليئر خواهشن، اسرائيلي حملي، يا خطي جي افراتفريءَ تي، اها ڳالهه اڻڄاتل رهي. ٿي سگهي ٿو ته اهو ئي مقصد هو ته ڳالهه مبهم رکي وڃي.
پاڪستان لاءِ، اها مبهم پاليسي ئي هڪ بچاءُ بڻجي سگهي ٿي. ايران سان اخلاقي همدردي ڏيکاري، پر فوجي طور غيروابستگي سان، اسلام آباد آمريڪا جي ناراضگيءَ ۽ ايران جي بي اعتماديءَ کان پاڻ بچائڻ چاهي ٿو. ايران خلاف IAEA جي حاليه قرارداد تي ووٽ نه ڏيڻ به ان متوازن پاليسي جو حصو هو. پر هڪ ڳالهه واضح آهي:
“ڪوبه لنچ مفت ناهي. خاص ڪري وائٽ هائوس ۾ ٿيل لنچ.”
ڊاڪٽر عادل سلطان، اسلام آباد جي ايئر يونيورسٽي جو ڊين آهي، جنهن خبردار ڪيو:
“اسين ٻيهر هڪ فرنٽ لائين رياست ٿيڻ وڃون پيا.”
نوٽ: هي مضمون ڊان اخبار ۾ 20 جون تي شايع ٿيو جيڪو اسان پنهنجي پڙهندڙن لاءِ سندن ٿورن سان پيش ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو