ايراني ليڊر جي مشير سميت 12 ڄنا ڪورونا وائرس سبب فوت

ايراني ليڊر جي مشير سميت 12 ڄنا ڪورونا وائرس سبب فوت

تهران(ويب ديسڪ) ايران جي سپريم ليڊر خامنه اي جو مشير سميت 12 ڄڻا ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويا آهن ۽ ايران ۾ 523 وائرس ۾ مبتلا نوان ڪيس به سامهون آيا آهن. گذريل ڏينهن ايراني پارليمان جي ميمبر محمد علي رمضاني جي وائرس سبب وفات جي خبر آئي هئي ۽ سومر تي ايراني ليڊر جي مشير 71 ساله محمد مير محمدي سميت12 ماڻهن جي وفات جي خبر آئي آهي جنهن بعد ڪورونا وائرس سبب ايران ۾ مرندڙن جو انگ 66 ٿي ويو آهي ۽ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ 1500 کان وڌي ويو آهي. ايران حڪومت جي ترجمان وائرس جي ڦهلجڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته ان تي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت لاءِ وڏو چيلنج آهي. هوڏانهن ڀارت ۾ 2 وڌيڪ وائرس جا ڪيس سامهون آيا آهن ۽ مريضن جو انگ 5 ٿي ويو آهي. ياد رهي ته پاڪستان م به 4 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. ڪورونا وائرس سبب سلطان شاهه اذلان هاڪي ڪپ ملائيشيا ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ملائيشيا ۾ 11 اپريل کان شروع ٿيڻو هو هاڻي اهو سيپٽمبر يا آڪٽوبر ۾ ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو