ايراني زائرين ڪليئر، ايئرپورٽ تي ٿرمل اسڪينر نصب

ايراني زائرين ڪليئر، ايئرپورٽ تي ٿرمل اسڪينر نصب

ڪوئٽا (ويب ڊيسڪ) ايران کان موٽي آيل 252 زائرين جي اسڪريننگ ڪرڻ بعد کين تفتان بارڊر تي قائم پاڪستان هائوس مان روانو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ايران سان زائرين جي آمد لاءِ ته سرحد کولي آهي پر ڪاروبار لاءِ بدستون 7 ڏينهن کان سرحد بند آهي جنهن سبب تاجر ۽ مزدور پريشان آهن. نون ايندڙ زائرين جي اسڪريننگ جاري آهي. ڪوئٽا شهر ۾ 3 مريضن ڪورونا جو شڪ ظاهر ڪندي چيڪ ڪرايو ته هنن ۾ اها وائرس موجود نه هئي ۽ کين ڪليئر قرار ڏئي روانو ڪيو ويو. هوڏانهن اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪورونا وائرس جي چڪاس لاءِ آٽو ميٽڪ ٿرمل اسڪينر لڳايا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو