جوهري معاملي کان اڳ هرمز کولڻ واري تجويز تي صدر ٽرمپ ناخوش

جوهري معاملي کان اڳ هرمز کولڻ واري تجويز تي صدر ٽرمپ ناخوش

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن لوٽٽ هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ پنهنجي قومي سلامتي ٽيم سان ملاقات ڪري رهيو آهي ته جيئن ايران طرفان موڪليل هڪ نئين تجويز تي غور ڪري سگهجي.ترجمان موجب، ايراني تجويز ۾ آبنائي هرمز کي ٻيهر کولڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي.ڪيرولين ليويٽ چيو ته صدر ٽرمپ جون سرخ لڪيرون تمام واضح آهن، آمريڪا اهڙو ڪو به معاهدو قبول نه ڪندو جيڪو ايران کي ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جي اجازت ڏئي.

جوهري معاملي کان اڳ هرمز کولڻ واري تجويز تي صدر ٽرمپ ناخوش

رپورٽس موجب ايران هرمز لنگهه کولڻ ۽ جنگ ختم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي آهي، جڏهن ته جوهري پروگرام بابت ڳالهين کي پوءِ مرحليوار شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.  بي بي سي عربي موجب هڪ آمريڪي عهديدار چيو آهي ته صدر ٽرمپ ايراني تجويز کان “مطمئن” نه آهي، ڇو ته ان ۾ جوهري پروگرام تي ڳالهه نه ڪئي وئي آهي۔ واشنگٽن اڳ ئي چئي چڪو آهي ته جوهري مسئلي تي سڀ کان پهرين ڳالهه ٿيڻ گهرجي۔ آمريڪي پرڏيهي وزيرمارڪو روبيو چيو ته هرمز بابت ايران جو موقف واشنگٽن جي مطالبن تي پورو نٿو لهي۔ هن فاڪس نيوزکي ٻڌايو ته: “جيڪڏهن ايران جي نظر ۾هرمز کولڻ جو مطلب اهو آهي ته اهو ان سان رابطو، ان جي اجازت ۽ ادائيگي کان پوءِ کلي، نه ته هو اوهان تي حملو ڪندو، ته پوءِ اهو لنگهه کولڻ نه آهي.” ايراني ذريعن اڳ چيو هو ته هي تجويز ايران جي جوهري پروگرام تي بحث کي جنگ جي خاتمي ۽ خليج ۾ نيويگيشن سان لاڳاپيل تڪرارن جي حل تائين ملتوي ڪري ڇڏيندي۔ سي اين اين ٻن اهڙن ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته صدر ٽرمپ اهو موقف سينيئر قومي سلامتي عملدارن سان ملاقات دوران ظاهر ڪيو، جن مان هڪ تصديق ڪئي ته صدر شايد ان منصوبي کي قبول نه ڪندو، جيڪو واشنگٽن کي گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ مليو آهي۔ آمريڪي عملدارن جو خيال آهي ته ايران وٽ موجود افزودہ يورينيم جي مسئلي کي حل ڪرڻ کان سواءِ هرمز کي ٻيهر کولڻ واشنگٽن کي ڳالهين ۾ اهم اثر و رسوخ کان محروم ڪري سگهي ٿو۔ وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته آمريڪي صدر جلد ئي هن معاملي تي ذاتي طور ڳالهائيندا۔

روس سان اعليٰ سطح تي رابطو قائم ڪرڻ تي خوش آهيان: ايراني پرڏيهي وزير
ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي، سفارتڪاري لاءِ روس جي حمايت جو استقبال ڪندي چيو ته تازن واقعن روس سان اسان جي اسٽريٽجڪ ڀائيواري جي کوٽائي ۽ طاقت کي اجاگر ڪيو آهي.

آمريڪي صدر ايران جي نئين تجويزن سان خوش نه آهن: آمريڪي عهديدار
هڪ برطانوي نيوز ايجنسي هڪ آمريڪي سرڪاري جي حوالي سان چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي نئين تجويزن سان خوش نه آهي ڇاڪاڻ ته انهن ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام بابت ڪجهه به واضح شامل ناهي.اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايران پاڪستان ذريعي آمريڪا کي نوان تجويزون پيش ڪيون آهن. انهن تجويزن ۾ پهرين جنگ بندي ۽ پوءِ مستقل جنگ بندي جي ضمانت شامل آهي. ايران آمريڪي بندش ختم ڪرڻ جي شرط تي آبنائي هرمز کي کولڻ جي آڇ ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو وڃي ته پوءِ ايراني ايٽمي پروگرام تي ڳالهيون ٿينديون، جڏهن ته، آمريڪا کي پرامن مقصدن لاءِ يورينيم جي افزودگي جي ايران جي حق کي تسليم ڪرڻو پوندو.

ڏکڻ لبنان تي اسرائيلي حملي، 4 ماڻهو مارجي ويا، 51 زخمي، حزب الله جا جوابي حملا
ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾، 4 ماڻهو مارجي ويا ۽ 51 ماڻهو زخمي ٿيا.نيوز ايجنسي موجب، اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان جي مختلف علائقن ۾ هڪ درجن کان وڌيڪ هنڌن کي نشانو بڻايو.ٻئي طرف، حزب الله دعويٰ ڪئي آهي ته ان جي ويڙهاڪن لبنان اندر اسرائيلي فوجي دستن تي ڪيترائي حملا ڪيا، بنت جبيل ۾ هڪ اسرائيلي فوجي بلڊوزر کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته قنطارا ۾ هڪ مرڪوا ٽينڪ تي پڻ حملو ڪيو ويو.

سامونڊي رستن جي بندش عالمي امن ۽ معاشي استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي: پاڪستاني سفير
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار خبردار ڪيو آهي ته عالمي سامونڊي رستن جي بندش، خاص طور تي آبنائے هرمز جي بندش، بين الاقوامي امن، معاشي استحڪام ۽ ترقي پذير ملڪن لاءِ سنگين خطرو آهي.سامونڊي سيڪيورٽي تي سلامتي ڪائونسل کي خطاب ڪندي، هن چيو ته سامونڊي رستن جو تحفظ نه رڳو عالمي واپار لاءِ پر ترقي ۽ سيڪيورٽي جي مقصدن لاءِ پڻ ضروري آهي. هن چيو ته جديد معيشتون بي ترتيب سامونڊي واپار تي ڀاڙين ٿيون.عاصم افتخار احمد چيو ته آبنائے هرمز جي بندش خوراڪ ۽ توانائي جي فراهمي سان گڏ سپلاءِ چين کي سخت متاثر ڪري رهي آهي.

ڪرغزستان ۾ ايراني ۽ روسي دفاعي عملدارن جي اهم ملاقات، جنگ بندي تي بحث
ڪرغزستان ۾ ايراني ۽ روسي دفاعي عملدارن جي هڪ اهم ملاقات ٿي. روسي دفاع واري وزير ايران کي مدد جو يقين ڏياريندي، جنگ کي سفارتڪاري ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته کيس اميد آهي ته ايران ۽ روس مستقبل ۾ هڪ ٻئي جي مدد جاري رکندا.

ايران سمنڊ ۾ ايراني تيل ٽينڪرن جي آمريڪي قبضي جي مذمت
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان سمنڊ ۾ ايراني تيل ٽينڪرن جي آمريڪي قبضي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اهي ڪارروايون سمنڊ ۾ قزاقي ۽ هٿياربند ڦرلٽ کي کليل قانوني جواز ڏيڻ جي مترادف آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو