ايران، آمريڪا ڳالهيون ختم، هاڻي اڳتي ڇا ٿيندو؟

ايران، آمريڪا ڳالهيون ختم، هاڻي اڳتي ڇا ٿيندو؟

ليکڪ: ليز ڊوسيٽ
آمريڪا ۽ ايران جي 47 سالن جي دشمني ختم ڪرڻ لاءِ 21 ڪلاڪ جي ويهڪ ڪافي ثابت نه ٿي۔ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيل تاريخي اعليٰ سطحي ڳالهيون، جيڪي ڪيترن ئي هفتن جي تباهه ڪندڙ جنگ ۾ هڪ وقفي دوران ٿيون، ڪنهن وڏي نتيجي تي پهچڻ جا امڪان تمام گهٽ ئي هئا۔
انهن ڊگهن ڳالهين کي ناڪامي سڏڻ، انهن وڏن چئلينجن جي حقيقي وسعت کي نه سمجهڻ جي برابر آهي، جيڪي ٻنهي ڌرين کي درپيش هئا۔ اهي چئلينج اهڙن پيچيده مسئلن تي موجود وڏن اختلافن کي گهٽائڻ سان لاڳاپيل هئا، جن ۾ ايران جي جوهري پروگرام بابت پراڻي بي اعتمادي کان وٺي هن جنگ سبب پيدا ٿيل نون مسئلن تائين شامل آهن۔ انهن مان سڀ کان اهم آبنائي هرمز تي ايران جو ڪنٽرول آهي، جنهن جي بندش سڄي دنيا ۾ معاشي ٻڙڌڪ پيدا ڪري رهي آهي۔
ڪنهن معاهدي تائين پهچڻ لاءِ ٻنهي ڌرين کي گهري بي اعتمادي جي کاهي به پار ڪرڻي هئي۔ هڪ ڏينهن اڳ تائين اهو به واضح نه هو ته ڇا ٻئي ڌريون ملاقات ڪنديون، ۽ ان کان به وڌيڪ، ڇا هو هڪ ئي ڪمري ۾ گڏ ويهندا۔
هڪ پراڻو سياسي داغ سمجهي ويندڙ حقيقت هاڻي ٽٽي چڪي آهي۔
هاڻي فوري سوال اهو آهي: اڳتي ڇا ٿيندو؟
ٻن هفتن واري ان تڪراري جنگبندي جو ڇا ٿيندو، جنهن سڄي دنيا جي توجهه پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي ان خوفناڪ ڌمڪي کي پس منظر ۾ ڌڪي ڇڏيو ته ايران ۾ “هڪ پوري تهذيب” تباهه ڪئي ويندي؟ ڇا آمريڪي صدر پنهنجن ڳالهين ڪندڙن کي ٻيهر ڳالهين جي ميز تي موڪلڻ لاءِ تيار ٿيندو؟
اسلام آباد ۾ موجود ذريعن موجب، ڪجهه ڳالهيون ان کان پوءِ به جاري رهيون، جڏهن آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس صبح سوير روانو ٿيو ۽ اعلان ڪيو ته آمريڪي وفد پنهنجي “آخري ۽ بهترين پيشڪش” پيش ڪري چڪو آهي۔
ڇا هاڻي آمريڪا وڌيڪ سختي اختيار ڪندو يا ڳالهين جو رستو چونڊيندو؟ اسان اڃا تائين نٿا ڄاڻون ته اسلام آباد جي هڪ پرسڪون پر سخت سيڪيورٽي واري فائيو اسٽارهوٽل ۾ بند دروازن پويان ڇا ٿيو، جتي رات دير تائين ڳالهيون جاري رهيون۔
هينئر تائين ٻنهي ڌرين وچ ۾ اختلافن ۽ ڳالهين جي تفصيل بابت تمام گهٽ ڄاڻ سامهون آئي آهي. چاهي اها پاڪستاني ثالثي جي مدد هجي، يا ماهرن ۽ صلاحڪارن سان ٿيل ڪيترين ئي فون ڪالن، ۽ وينس موجب ٽرمپ کي ڪيل “درجنين” سڌين ڪالن جو معاملو هجي۔
نائب صدر صبح سوير ٿيل مختصر پريس ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي “بنيادي مقصد” بابت ڳالهايو۔
هن چيو ته: “اسان کي واضح خاطري گهرجي ته (ايران) نه ته جوهري هٿيار حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ نه ئي اهڙي ٽيڪنالاجي حاصل ڪندو جيڪا کيس جلدي جوهري هٿيار ٺاهڻ جي قابل بڻائي.”
فيبروري ۾ ٿيل آخري ڳالهين جي دور دوران، جڏهن ٻيهر فوجي حملا شروع ٿيڻ کان اڳ، ايران ڪجهه نيون رعايتون ڏنيون هيون، جن ۾ ان جي 440 ڪلوگرام يورينيم جي ذخيرن (جيڪو 60 سيڪڙو تائين افزودگي ٿيل آهي ۽ هٿيارن جي سطح جي تمام ويجهو سمجهيو وڃي ٿو) کي گهٽ سطح تي آڻڻ شامل هو۔
پر ايران اڃا تائين افزودگي جي پنهنجي “حق” تي قائم آهي ۽ ان ذخيري کان هٿ کڻڻ لاءِ به تيار ناهي، جيڪو ٻڌايو وڃي ٿو ته گذريل سال آمريڪي ۽ اسرائيلي فضائي حملن کان پوءِ زمين جي اندر گهري هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي۔
ايران بار بار مطالبن باوجود آبنائي هرمز کولڻ کان به انڪار ڪيو آهي، جنهن سان تيل، گيس ۽ ٻين اهم سامان جي آزادانه آمدرفت ممڪن ٿي سگهي، ۽ هو چوي ٿو ته اهو رڳو نئين معاهدي جي صورت ۾ ئي ممڪن ٿيندو۔
آمريڪي ۽ ايراني ٻئي وفد اسلام آباد هن يقين سان آيا هئا ته هن جنگ ۾فتح سندن ئي ٿيندي۔ ۽ اهي اهو ڄاڻندي ڳالهين ۾ شامل ٿيا ته جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام به ٿي وڃن ته وٽن جنگ جاري رکڻ جو اختيار موجود آهي. ڀلي ان جي قيمت سندن پنهنجي عوام کي ادا ڪرڻي پوي يا سڄي دنيا ان باهه جي اثرن کان لرزندي رهي هجي۔
چيٿم هائوس جي ڊاڪٽر صنم وڪيل جي لفظن ۾، هن عمل ۾ هڪ ٻي رڪاوٽ اها به هئي ته ڌرين کي پنهنجي “حريف جي نفسيات ۽ انهن سمجهوتن جي تمام محدود ڄاڻ هئي جيڪي ڪنهن حقيقي معاهدي لاءِ ضروري هوندا آهن.”
جي ڊي وينس ڪجهه سٺين خبرن جو ذڪر ڪندي چيو ته “اسان ڪافي بامعنيٰ ڳالهيون ڪيون آهن”، پر خراب خبر به اها ئي هئي: “اسان ڪنهن معاهدي تي پهچي نه سگهياسين.” ۽ هن واضح ڪيو ته اها “ايران لاءِ آمريڪا کان وڌيڪ خراب خبر آهي.”
ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي ايڪس تي پوسٽ ۾ آمريڪا جي “غير ضروري ۽ غير قانوني مطالبن” تي تنقيد ڪئي۔ ۽ ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، جيڪو ايراني ڳالهين واري ٽيم جي اڳواڻي ڪري رهيو هو، لکيو ته “هن مرحلي جي ڳالهين ۾ مخالف ڌر ايراني وفد جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.” ايران اشارو ڏئي رهيو آهي ته هو ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ تيار آهي۔ پاڪستان جي پرڏيهي وزيراسحاق ڊار سڀني ڌرين تي جنگبندي برقرار رکڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته هو ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا، ۽ اهڙا ئي خيال ٻين لاڳاپيل گادي وارن شهرن مان به ٻڌڻ ۾ اچي رهيا آهن۔
جيڪڏهن تاريخ ڪا رهنمائي ڏئي ٿي، ته آخري ڀيرو جڏهن ايران 2015 ۾ آمريڪا ۽ ٻين عالمي طاقتن سان جوهري معاهدو ڪيو هو، ته ان لاءِ 18 مهينن تائين اڳڀرائي ۽ رڪاوٽن جو سلسلو جاري رهيو هو۔
ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڊگهن ۽ پيچيده ڳالهين ۾ ڦاسڻ نٿو چاهي، جي ڊي وينس اڳ ئي خبردار ڪري چڪو آهي ته جيڪڏهن تهران “اسان سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي ته آمريڪا اهو قبول نه ڪندو.”
پاڪستاني صحافيڪامران يوسف، جيڪو محدود معلومات باوجود سڄي رات ڪوريج ڪندو رهيو، هن مرحلي کي “نه ڪا وڏي اڳڀرائي، نه  مڪمل ناڪامي” قرار ڏنو۔ هاڻي سڄي دنيا فيصلي جي منتظر آهي، خاص طور تي ٽرمپ جي فيصلي جي. (هي تهزياتي رپورٽ بي بي سي تي شايع ٿي جيڪا سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيس ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو