ايجوڪيشن کاتي پاران آفر آرڊر نه ملڻ خلاف اميدوارن جو احتجاج

نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) آءِ بي اي، جي اي ايس ٽي ۽ اي سي ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو ڊي اي او ايجوڪيشن ۽ ڊپٽي ڪمنشر آفيس اڳيان آفر آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، انتظاميه خلاف سخت نعريبازي. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ لياقت ميراڻي، فياض چانڊيو، حاڪم نول، وقار سومرو، ڪامران ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي 21 ضلعن ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا ويا آهن پر نوشهروفيروز جو ڊي اي او حاڪم نول ڪيترن مهينن کان ويريفڪيشن جو بهانو بڻائي آفر آرڊر ڏيڻ ۾ هٿ وٺي دير ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته اسان ڏينهن رات محنت ڪري تڪليفون ڏسي ڪري ٽيسٽ پاس ڪئي آهي سڄي سنڌ جي اميدوارن کي آفر آرڊر ملي چڪا آهن ان باوجود اسان کي آفر آرڊر نه ڏيڻ سراسر زيادتي آهي ۽ اسان هن وقت فاڪه ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. هنن چيو ته اسان جيڪڏهن اسان کي فوري طور آفر آرڊر نه ڏنا ويا ته سڄي سنڌ اندر احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو