ايجنڊا تي نظر ثاني ڪريو، اپوزيشن جي درخواست واپس

ايجنڊا تي نظر ثاني ڪريو، اپوزيشن جي درخواست واپس

اسلام آباد(الله وسايو گهوٽو) اپوزيشن پاران سينيٽ جو اجلاس گهرائڻ لاءِ جمع ڪرايل ريڪيوزيشن تي سينيٽ سيڪريٽريٽ اعتراض لڳائي درخواست واپس ڪري ڇڏي. اپوزيشن نيب پاران اپوزيشن خلاف ڪارواين، نيب آفيسرن جي اثاثن ۽ تعليمي ڊگرين جي جاچ، گلگت جي چونڊ ۾ ڌانڌلي ۽ پي ڊي ايم جلسن بعد ڪارڪنن خلاف انتقامي ڪارواين تي بحث ۽ نيب خلاف ٺهراءُ منظور ڪرڻ جا نقطا ايجنڊا ۾ شامل هئا. سينيٽ سيڪريٽريٽ جو چوڻ آهي ته ايجنڊا تي اپوزيشن کي نظر ثاني لاءِ چيو ويو آهي. اپوزيشن ليڊر راجا ظفرالحق جو چوڻ آهي ته هو اعتراض دور ڪري ايندڙ هفتي ٻيهر درخواست جمع ڪرائيندا. ياد رهي ته اپوزيشن 16 ڊسمبر تي ريڪيو زيشن جمع ڪرائي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو