اسلام آباد (بيورو رپورٽ)تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل عمر ايوب خان چيو آهي ته پوليس گذريل ڏينهن ايبٽ آباد ۾ اڳوڻي ايم اين اي عظميٰ رياض جي گهر تي ڇاپو هنيو.پنهنجي هڪ بيان ۾ عمر ايوب چيو آهي ته خيبرپختونخواهه پوليس جي اهڙي عمل جي سخت مذمت ڪريون ٿا.هن چيو ته بيگناهه خاندان کي هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ اسلام ۽ اسان جي آئين ۾ قبول ناهي.عمر ايوب اهو به چيو ته غير قانوني نگران حڪومت ۽ پوليس کي شرم اچڻ گهرجي.










