ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد مرڪزي جنرل سيڪريٽري محترم مظهر راهوجو، ڊويزنل صدر اشفاق چنڙ، مرڪزي اڳواڻ منان شيخ، سنڌياڻي تحريڪ جي شهربانو راهوجو، مقصود سومرو، ضلعي ملير جي صدر ڪاشف خاصخيلي، ايس ايس ٽي ڪراچي اڳواڻ مدثر سرڪي جي اڳواڻي ۾ متاثر غازي ڳوٺ جي احتجاجي ڪيمپ تي پھچي اياز لطيف پليجي جو پيغام ڏنو ۽ سياسي، قانون مدد جي خاطري ڪرائي. ان موقعي تي مظھر راھوجي چيو تہ پ پ حڪومت 40 لک غير ملين کي شناختي ڪارڊ ڏياريا آھن. افغانين، بنگالين، بھارين کي ڪالونيون ٺاھي آباد ڪيو آھي پر ڌرتي ڌڻي سنڌين کي ڪراچي مان تڙي ڪڍڻ لاءِ ڪڏھن بلڊر مافيا تہ ڪڏھن پوليس کي بي لغام ڇڏيو وڃي ٿو. غازي ڳوٺ جا رھواسي ھندستان، افغانستان، بنگلاديش کان ناھن اھا، اھي سنڌ ڄاوا آھن، ھن ڌرتي جا وارث آھن، سنڌي ماڻھن کي ڪراچي مان ڪڍڻ جي سازش ڪنھن بہ صورت ۾ برداشت نہ ڪئي ويندي. قومي عوامي تحريڪ مطالبو ٿي ڪري تہ غازي ڳوٺ تي چڙھائي ۾ ملوث پوليس ۽ ٻين ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر ڳوٺاڻن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.










