اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خيبرپختون خواهه صوبي جي شهر مردان واري علائقي تخت بابي ۾ پاڪستان ايئرفورس جو تربيتي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو آهي. پاڪ هوائي فورس جي ترجمان مطابق جهاز کان پائليٽ حفاظت سان نڪري ويو هو ۽ جهاز معمول جي تربيتي پرواز تي هيو. ياد رهي ته 5 ڏينهن اڳ 7 فيبروري تي به پاڪ فوج جو تربيتي جهاز شورڪوٽ ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو هو ۽ ان واقعي ۾ به پائليٽ محفوظ رهيو هو.










