اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کان ايئرپورٽ تي وي آءِ پي پروٽوڪول طلب ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب پي ٽي آءِ چيئرمين سيڪريٽريٽ سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ اي ايس ايف کي خط لکي عمران خان کي ايئرپورٽس تي وي آءِ پي لائونج استعمال ڪرڻ جي اجازت طلب ڪري ورتي.ذريعن جو چوڻ آهي ته خط ۾ عمران خان کان ايئرپورٽ تي اچڻ ۽ روانگي لاءِ وي آءِ پي لائونج استعمال ڪرڻ جي اجازت گهري وئي آهي.خط ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي سڪيورٽي خطرا آهن ان ڪري کيس ايئرپورٽ لائونج استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جيڪا هن وزيراعظم جي حيثيت ۾ استعمال ڪئي،ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ عمران خان کي اسلام آباد ايئرپورٽ تي داخل ٿيڻ ۽ نڪرڻ لاءِ چائنا گيٽ استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي.ذريعن موجب خط ۾ اي ايس ايف کي اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪرڻ جي به درخواست ڪئي وئي آهي.










