اوگرا پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ 83 رپيا 50 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز

اوگرا پاران پيٽرول جي قيمتن ۾ 83 رپيا 50 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)16 اپريل کان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ 83 رپيا 50 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) ٽيڪس ۽ ليوي جي شرح، مڪمل ليوي ۽ ٽيڪس جي بنياد تي قيمتن جي تجويز موڪلي ڇڏي آهي. ذريعن موجب اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن ورڪنگ پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ڇڏيو آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو ڪم به جنرل سيلز ٽيڪس (جي ايس ٽي) ۽ ليوي جي شرح تي ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب هن وقت پيٽروليم شين تي ليوي ۽ جي ايس ٽي صفر آهي، 17 سيڪڙو جي ايس ٽي ۽ 30 رپيا في ليٽر ليوي ختم ڪرڻ کانسواءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 51 رپيا 30 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي موجوده ٽيڪس جي شرح تي، پيٽرول جي قيمت ۾ 21.53 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 36 رپيا 55 پئسا في ليٽر ٽيڪس جي شرح وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 38 رپيا 89 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي تجويز پڻ ڏني آهي جنهن ۾ مڪمل ليوي ۽ جي ايس ٽي شامل آهن. ذريعن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 30 رپيا ۽ جي ايس ٽي 17 سيڪڙو رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي ۽ انهن ٻنهي کي شامل ڪندي هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 119 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب مڪمل ليوي ۽ ٽيڪسن سان گڏ پيٽرول جي قيمت ۾ 83 رپيا 50 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 77 رپيا 56 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن موجب مڪمل ليوي ۽ ٽيڪس جي بنياد تي لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 77 رپيا 31 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم جي مشاورت سان ڪندي، پيٽروليم شين جي نئين قيمتن تي عملدرآمد 16 اپريل کان ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو