اسلام آباد :(بيورو رپورٽ) اوگرا ايل پي جي قيمت ۾ 37 روپين جي وڏي لاٿ ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ايل پي جي قيمت ۾ وڏي لاٿ اچي وئي آهي. اوگرا ايل پي جي قيمت ۾ 37 روپيه في ڪلو گهٽ ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سڄي ملڪ ۾ امپورٽ ۽ لوڪل ايل پي جي قيمت 197 روپيه في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. گهريلو سلنڊر جي قيمت 438 روپيه ۽ ڪمرشل سلنڊر جي قيمت 1686 روپيه گهٽ ڪئي وئي آهي. ايل پي جي انڊسٽريز ايسوسيئيشن پاڪستان جي چيئرمين عرفان علي کوکر چيو آهي ته گهريلو سلنڊر 2322 روپيه ۽ ڪمرشل سلنڊر 8933 روپين ۾ وڪرو ٿيندو. اسان جي فارمولي تي عمل ڪيو ويندو ته قيمتن ۾ وڌيڪ لاٿ ڪري سگهجي ٿي.










