واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي پيداوار ۾ گهٽتائي جو عالمي مارڪيٽ تي منفي اثر پيو آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ 6 سيڪڙو تائين اضافو ڏٺو ويو.ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ (WTI) 5.74 سيڪڙو وڌي 80 ڊالر في بيرل ٿي ويو، جڏهن ته برنٽ 5.67 سيڪڙو وڌي 84.42 ڊالر في بيرل ٿي ويو.










