اوٻاوڙو(رپورٽ غلام علي رند)افسوس ناڪ واقعو ، بخاري روڊ تي ٿاڻي سان گڏ بمختيارڪار آفيس آڏو ڌماڪو 4 ٻارڙا شديد زخمي ٿي پيا. پوليس موجب موڪل سبب اسٽامپ وينڊرن جي ٽيبل هيٺان دٻو پيل هو، ٻارڙن اهو دٻو کنيو ته ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 4 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. زخمين کي اسپتال پهچايو ويو ته عملو غائب هو. بعد ۾ اطلاع تي پهتو ۽ طبي امداد فراهم ڪئي ته زخمين مان علي رضا فوت ٿي چڪو هو، بعد ۾ ڪاشف ولد محمد علي به زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. ڌماڪي بعد ايس ايس پي گهوٽڪي جاءِ واردات جي معائني لاءِ پهتو آهي ۽ پوليس هاءِ الرٽ آهي سندن چوڻ آهي ته شرپسندي جي هن ڌماڪي ۾ پهاڙ ٽوڙڻ وارو بارود استعمال ٿيو آهي.










