ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اوورسيز پاڪستانين مالي سال 22ع ۾ 31 ارب ڊالر پاڪستان کي موڪليا.سينٽرل بئنڪ آف پاڪستان پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب جون 2022ع ۾ پرڏيهه مان 2.76 بلين ڊالر جون رقمون موڪليون ويون، هي 25 هون مهينو آهي جڏهن ته ٻه ارب ماهوار موڪلن جي لهر آهي.بيان موجب سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جون 2022ع ۾ 666.4 ملين ڊالر، گڏيل عرب امارات مان 490 ملين ڊالر، برطانيه کان 450 ملين ڊالر ۽ آمريڪا مان 280 ملين ڊالر موڪليا. اسٽيٽ بئنڪ جي پڌرائي موجب مالي سال 2022ع ۾ پرڏيهين 31 ارب ڊالرن جون رقمون پاڪستان موڪليون.انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته 21 جولاءِ کان 22 جون تائين پاڪستانين سعودي عرب مان 7.74 بلين ڊالر موڪليا، گڏيل عرب امارات مان پاڪستانين جون 5.84 بلين ڊالر جون موڪلون هيون، جڏهن ته برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين گذريل مالي سال ۾ 4.48 بلين ڊالر جون موڪلون موڪليون.اسٽيٽ بئنڪ موجب 3 ارب 62 ڪروڙ ڊالر جون موڪلون نار جي ٻين ملڪن مان، 3.36 بلين ڊالر يورپ ۽ 3.08 بلين ڊالر آمريڪا مان موڪليون ويون. مرڪزي بئنڪ جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 22 ۾ سراسري ماهوار ترسيل 2.60 ملين ڊالر رهي، جيڪا مالي سال 21 جي ڀيٽ ۾ 6 سيڪڙو وڌيڪ آهي.










