ڪراچي(اسٽاف پورٽر) اورنگي نالي تي قبضن ۽ حد دخلين بابت ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ سليم الله اوڍو جي اڳواڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ضلعي اندر ڪم ڪندڙ وفاقي توڙي صوبائي کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي ان موقعي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ڊپٽي ڪمشنر کي اورنگي نالي تي قبضن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته پهرين فرصت ۾ ٿيل قبضن خلاف آپريشن شروع ڪيو ويندو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته جلد ئي پوليس ۽ رينجرس جي مدد سان آپريشن جو عمل شروع ڪيو وڃي.










