پاڪستان ترڪي کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو: شهباز شريف

پاڪستان ترڪي کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان اهڙين حالتن ۾ ترڪي کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيندو.لاهور ايئرپورٽ تي ترڪي لاءِ امدادي سامان موڪلڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته کيس يقين آهي ته ترڪي ۽ شام جا ماڻهو جلد هن ڏکيائي مان نڪري ويندا.هن چيو ته جنهن ڏينهن اهو سانحو پيش آيو ان ڏينهن هن ترڪ صدر سان ڳالهايو ۽ تعاون جو يقين ڏياريو ۽ ان ئي رات هن پاڪ فوج جي ٽيم ترڪي موڪلي. وزيراعظم چيو ته ترڪي ۽ شام ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا، ترڪي ۽ شام جا ماڻهو ملبي مان پنهنجن پيارن کي ڳولي رهيا آهن.هن چيو ته 2010ع ۾ جڏهن پاڪستان ۾ بدترين ٻوڏ آئي ته ترڪ صدر پاڪستان آيو، ترڪي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪروڙين ڊالر امداد ڏني، ترڪي 2005ع جي زلزلي ۾ به پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي هئي.هن چيو ته ترڪي ۾ پاڪستاني امداد جي ترسيل شروع ٿي وئي آهي، اڄ سوين ٽن سامان ٽرڪن ذريعي ترڪي موڪليو پيو وڃي.وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام جمعي جي نماز ۾ ترڪي جي عوام لاءِ خاص دعا ڪن. هن عوام، واپارين ۽ فلاحي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته هو امداد فراهم ڪرڻ ۾ ڀرپور حصو وٺن.شهباز شريف چيو ته ترڪي کي عطيو ڏيڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، چئني وڏن وزيرن کي به عطيو گڏ ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.ترڪي ۽ شام ڏانهن 1486 ٽن امدادي سامان موڪليو پيو وڃي، 100 ٽن سامان کڻي ٽرڪن جو قافلو ايران ذريعي ترڪي پهچندو.سنڌ ۽ پنجاب جي وڏي وزير امدادي سامان جي روانگي ۾ ڪردار ادا ڪيو، سڄي ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ عطيو به گڏ ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو