اهڙو ڪم ناهي ڪيو جنهن تي شرمسار ٿيا: شهباز گل

اهڙو ڪم ناهي ڪيو جنهن تي شرمسار ٿيا: شهباز گل

اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي گرفتار اڳواڻ شهباز گل جو چوڻ آهي ته هن اهڙو ڪو ڪم ناهي ڪيو جيڪو شرمسار ٿئي.اسلام آباد جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز گل چيو ته منهنجو بيان هڪ محب وطن شهري جو بيان آهي، اهو فوج سان محبت جو بيان آهي، مون ڪنهن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي.شهباز گل چيو ته منهنجي بيان ۾ شرم جهڙي ڪا به ڳالهه ناهي، بيوروڪريٽ آفيسر غلط ڳالهائي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو