اهم اقتصادي ٽارگيٽ، حڪومت 5 سالن جو منصوبو جوڙي ورتو

اهم اقتصادي ٽارگيٽ، حڪومت 5 سالن جو منصوبو جوڙي ورتو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت اهم اقتصادي ٽارگيٽس جي تعين لاءِ 5 سالن جو 2024ع کان 2029ع تائين جو پلان تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو سڀاڻي قومي اقتصادي ڪائونسل ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. هي 5 سالن جو منصوبو ڊگهي مدي جي بنياد تي اقتصادي منصوبابندي لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ان منصوبي جي منظوري ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. منصوبي جي منظوري وزيراعظم جي صدارت هيٺ سڀاڻي ٿيندڙ قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل آهي. حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته 5 سالن جي منصوبي تحت اهم معاشي هدف مقرر ڪيا ويندا، ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ، توانائي، ادائيگين جو توازن، ترقياتي بجيٽ، خوراڪ ۽ زراعت، آبادي تي ڪنٽرول، غربت، گورننس ۽ اهم سڌارا منصوبي جو حصو آهن. ذريعن موجب پاڪستان 2018ع کان 5 سالن جي پلان کان سواءِ هلي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته مسلم ليگ (ن)، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ گذريل اتحادي حڪومتون 5 سالن جو پلان تيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو