انگلينڊ ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر تي حملو

انگلينڊ ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽر تي حملو

لنڊن(ويب ڊيسڪ)ڏکڻ آفريڪا جو انڊر 19 ڪرڪيٽر مونڊلي خامالو انگلينڊ ۾ حملي ۾ سخت زخمي ٿي پيو. پرڏيهي ميڊيا موجب 20 ورهين جي آفريڪي ڪرڪيٽر تي برج واٽر واري علائقي ۾ فري آرن اسٽريٽ تي هڪ ڪوٺي ٻاهران حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو.برطانوي ميڊيا موجب 27 سالن جي نوجوان کي مونڊلي خاملو تي حملي جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو هو پر جاچ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. ڪرڪيٽ واچ ڊاگ ويب سائيٽ ڪرڪ انفو موجب پرڏيهي رانديگر طور پنهنجي پهرين دوري تي برطانيا اچڻ واري نوجوان ڪرڪيٽر جي حالت خطري ۾ آهي. نارٿ پيٽرسن ڪرڪيٽ ڪلب جو چوڻ آهي ته ان جي پسنديده ڪرڪيٽر جي حملي ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ اسپتال منتقل ٿيڻ تي ”ڏاڍو ڏک“ ٿيو آهي ۽ ڪرڪيٽر جي جلد صحتيابي لاءِ پراميد آهي. ڏکڻ آفريڪا جو انڊر 19 ڪرڪيٽر مونڊلي خاملو هن وقت تائين چار فرسٽ ڪلاس ميچون ۽ هڪ لسٽ اي ميچ کيڏي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو