انگلينڊ 51 رنسن تان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

انگلينڊ 51 رنسن تان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڪولمبو(ويب ڊيسڪ)انگلينڊ 51 رنسن تان سريلنڪا کي شڪست ڏئي ڇڏي. سريلنڪا جي پوري ٽيم 16.4 اوورن ۾ 95 تي آل آئوٽ ٿي وئي. بظاهر آسان ٽارگيٽ 147 رنز حاصل ڪرن لاءِ سريلنڪا جي بيٽنگ به مشڪل جو شڪار ٿي وئي. 13 اوورن ۾ سريلنڪا 7 وڪيٽن جي نقصان تي 73 رنسون ٺاهيون. پاٿم نسانڪا 9، ڪامل مشرا 6، مسال مينڊس 4، پون رٿنائڪي زيرو، دنٿ والالاگي 10، ڪمندو مينڊس 13 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. ڪپتان داسن شناڪا 30، دشان هيمانٿا 5، چميرا 6، دلشان مڌوشنڪا زيرو ۽ مهيش 10 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. سپر ايٽ جي ٻئي ميچ انگلينڊ ۽ سريلنڪا م کيڏي پئي وڃي. سريلنڪا ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو. انگلينڊ 20 اوورن م 9 وڪيٽن جي نقصان تي 146 رنز ٺاهي سگهي. اوپنر فل سالٽ 62 رنز جي اننگ کيڏي، ڪپتان هيري بروڪ 14، سيم ڪرن 11، ول جيڪ 21 ۽ جيمي اوورٽن 10 رنسون ٺاهيون. دلشان وشنڪا2، ڊنٿ والالاگي3، مهيش ٿيڪشانا 2، دشمنٿا چميرا هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو