انگلينڊ جي دوري لاءِ محمد عامر کي گرين سگنل ملي ويو

لاهور (ويب ديسڪ) پاڪستان جي اسٽار فاسٽ بالر محمد عامر کي انگلينڊ جو دورو ڪندڙ ٽيم ۾ شامل ڪرڻ لاءِ پي سي بي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو. جنهن جي تصديق محمد عامر پاڻ به ڪري ڇڏي آهي. گذريل هفتي ٻئي نياڻي جي پيدائش سبب محمد عامر ٽيم سان گڏ نه ويو هو. ٽيم مينجمينٽ جي درخواست تي پي سي بي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ مساجر طور ڪم ڪندڙ محمد عمران کي انگلينڊ موڪلڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پي سي بي موجب  محمد عامر ۽ محمد عمران جا ايس او پيز موجب روانگي کان اڳ ڪورونا وائرس جا 2 نگيٽو ٽيسٽ اچڻ لازمي آهن. ٻنهي جو پهرين ڪورونا ٽيسٽ اڄ ورتو ويو آهي. جنهن جي رپورٽ نيگيٽو اچڻ بعد لاهور ۾ اربع تي سندن ٻئي ٽيست جا سيمپل ورتا ويندا. محمد عامر جي ٽيم ۾ شموليت سبب وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين روحيل نذير کي آرام ڪرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو