انگلينڊ جي اڌ ٽيم بيمار، سڀاڻي ٽيسٽ ميچ ضرور ٿيندي

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ کان اڳ انگلينڊ ٽيم جي ڪپتان بين اسٽوڪس سميت ڪيترائي رانديگر معدي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ميچ هڪ کان ٻن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو امڪان آهي. انگلينڊ جي ٽيم 17هين ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان جي سرزمين تي موجود آهي ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ پهرين ڊسمبر کان راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. نيوز ايجنسي اي ايف پي موجب انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس ۽ ٻيا رانديگر ۽ ڪجهه اسٽاف ميمبر به پيٽ جي انفيڪشن ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي پڌرائي جي تقريب به اڄ ٿيڻي هئي پر بين اسٽوڪس جي صحتيابيءَ سبب تقريب ملتوي ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي انگلينڊ جي ٽيم پاران بيان ۾ چيو ويو آهي ته رانديگرن جو پيٽ خراب ٿيڻ سبب پريڪٽس لاءِ اسٽيڊيم نه آيا پر سڀاني ميچ کيڏڻ لاءِ تيار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو