انڊس واٽر ڪميشن جي فنڊن ۾ گهوٻيون، ايڊيشنل ڪمشنر برطرف

انڊس واٽر ڪميشن جي فنڊن ۾ گهوٻيون، ايڊيشنل ڪمشنر برطرف

لاهور (بيورو رپورٽ) انڊس واٽر ڪميشن جي سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين تي ايڊيشنل ڪمشنر شيراز ميمڻ کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. انڊس واٽر ڪميشن جي ذريعن مطابق شيراز ميمڻ تي مبينه طور 1 ڪروڙ 50 لک رپين جي رقم پنهنجي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ ۽ ڪرپشن جي مبينه الزامن ۾ ان کي جبري طور نوڪري کان ريٽائر ڪيو ويو آهي. پروگرام ۾ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي انڊس واٽر ڪمشنر مهر علي شاهه ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته وزيراعظم سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين جي تحقيقات لاءِ ڪميٽي جوڙي هئي ۽ الزام ثابت ٿيڻ تي ڪميٽي شيراز ميمڻ کي نوڪري مان فارغ ڪري ڇڏيو آهي. مهر علي شاهه ٻڌايو ته شيراز ميمڻ کي نوڪري مان فارغ ڪرڻ لاءِ باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو