انڊس هاءِ وي تي مزدا ڊرائيور ماڻهو ماري فرار

مانجهند)ن  س) انڊس ها۽ وي تي  سيوهڻ کان ڄامشورو طرف ويندڙ مزدا جو حيدر آباد کان سيوهڻ ايندڙ موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻڻ جي نتيجي ۾ سيوهڻ واسي 60 ورهين جو محمد صفر چنا ولد حاجي قبول چنا موقعي تي فوت ٿي ويو. جنهن جي لاش کي مقامي ماڻھن تعلقه اسپتال مانجهند آندو، جتي ڊاڪٽر نه هئڻ سبب  لاش کي  پوسٽ مارٽم لا۽ ڪوٽڙي منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن خاڻوٺ پوليس جي سستي سبب ڊرائيور مزدا  سميت فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو