انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ عام شهرين جون شهادتون برداشت نه ڪبيون

انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ عام شهرين جون شهادتون برداشت نه ڪبيون

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته ننڍن انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ عام شهرين جون شهادتون کي برداشت نه ڪنداسين وفاقي حڪومت ۽ وفاقي وزيرن تي افسوس آهي جن عام شهرين جي موت کي اهڙي نموني پيش ڪيو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ناهي. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي ڪاٽلنگ ۾ ٿيل ڊرون حملي ۾ ڏهن شهرين جي موت واري واقعي بابت ڳالهائيندي چيو ته انٽيليجنس آپريشن ۾ اسان جا ڏهه معصومه شهري جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا شهيد ٿي ويا، هو ان واقعي جي مذمت ڪن ٿا ۽ اِها سندن ذميواري آهي ته شهرين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.هن چيو ته هر شئي تي سياست نه ڪئي وڃي، مون کي وفاقي حڪومت ۽ وفاقي وزيرن تي افسوس ٿئي ٿو ته جنهن نموني اسان اسان جا شهري شهيد ٿيا ۽ هنن ان واقعي کي اهڙو رنگ ڏنو ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه آهي جڏهن ته اِها سندن ناڪامي آهي. هن وڌيڪ چيو ته انهن علائقن ۾ جتي دهشتگردن جي موجودگي جو اطلاع ملي ٿو، اتي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ٿيندا رهندا آهن ۽ ان ۾ فوج ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گڏجي ڪم ڪندا آهن پر ڪاٽلنگ آپريشن بابت صوبائي حڪومت اڻڄاڻ هئي ۽ نه ئي اسان جي پوليس کي ڪا ڄاڻ هئي، اهو آپريشن وفاقي حڪومت جي ماتحت ادارن جو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو