انٽر نيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي وفد جي دوري بابت وضاحت

انٽر نيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي جي وفد جي دوري بابت وضاحت

اسلام آباد( رپورٽ اياز مهر)پرڏيهي آفيس (ايف او) جمعي تي انٽرنيشنل ايٽامڪ انرجي ايجنسي (IAEA) جي اعليٰ سطحي وفد جي ملڪ جي دوري جي خبر کي ”ڪوڙي خبر“ قرار ڏيندي چيو آهي ته ان معاملي ۾ ڪا به صداقت ناهي. هڪ ڏينهن اڳ، آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ جي حامين جي ماضي جي پوسٽن جي آڌار تي ڀارتي چينل زي نيوز هڪ ويڊيو رپورٽ نشر ڪئي ته پاڪستان خراب معاشي حالتن سبب پنهنجا نيوڪليئر بم وڪرو ڪري رهيو آهي ۽ ان ڏس ۾ IAEA جو ڊائريڪٽر جنرل رافيل ماريانو گروسي پاڪستان جي ڳجهي دوري تي آيو آهي ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات به ڪئي آهي. پوسٽن ۾ سوال ڪيو ويو ته ڇا حڪومت پنهنجي ايٽمي هٿيارن جي حوالي ڪرڻ لاء ڳجهو معاهدو ڪيو آهي. يوٽيوبر معيد پيرزادو جيڪو اڪثر پنهنجي يوٽيوب چينل تي پي ٽي آءِ جي حمايت ۾ مواد پوسٽ ڪندو آهي، تنهن فوج جي پبلڪ رليشنز ونگ کان به سوال ڪيو ته مبينه دوري جي ايجنڊا ۽ ان کي ميڊيا ۾ ڇو نه ٻڌايو پيو وڃي.


زي نيوز جي ڪلپ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته پاڪستان ۽ IAEA وچ ۾ ايٽمي هٿيارن جي حوالي سان هڪ ڊيل ٿي چڪي آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڊي جي گروسي جي وزيراعظم شهباز سان هٿ ملائڻ واري تصوير پڻ ڏيکاري وئي آهي پر ان تي ڪا تاريخ لکيل ناهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ ان بابت وضاحت ڪندي ايڪس تي ٽوئيٽ ۾ چيو ته: ”آءِ اَي اِي اَي جي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان جي دوري بابت ڳالهيون جعلي خبرون آهن. IAEA جو ڪوبه آفيسر هن وقت پاڪستان جو دورو نه ڪري رهيو آهي. نه ئي IAEA سان ويجهي مستقبل ۾ ڪا به پاليسي ڳالهين جو ڪو شيڊول آهي.


سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته وائرل وڊيو ڪلپ ۾ ڏيکاريل ملاقات گذريل سال فيبروري ۾ آئي اي اي اي جي ڊي جي ۽ وزيراعظم شهباز جي وچ ۾ ٿي هئي جڏهن اهي ملڪ جي فائدي لاءِ ائٽمي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي خاص طور تي زراعت ۽ دوائن جي پرامن استعمال جي تعاون وڌائڻ لاءِ ملاقات ڪئي هئي. ترجمان موجب گذريل سال ڊي جي گروسي پاڪستان ۾ ٻه ڏينهن گذاريا هئا، جنهن دوران هن ملڪي قيادت سان ملاقاتون ڪيون ۽ ملڪ جي ڪيترن ئي ايٽمي سهولتن جو دورو به ڪيو هو، جن مان ڪجهه جو هن افتتاح به ڪيو هو. ترجمان موجب ٻنهي ڌرين پاڪستان تي موسمياتي تبديليءَ جي بگڙجندڙ اثرن بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ان ڳالهه تي به ڳالهايو ته ڪيئن ائٽمي سائنس ۽ IAEA پاڪستان جي مدد ڪري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو