انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 7پئسا مهانگو

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 7پئسا مهانگو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي، آمريڪي ڊالر ڪجهه پئسا حاصل ڪري پنهنجي قيمت وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 7 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 287 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 286 رپيا 93 پئسا تي بند ٿيو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 305 رپيا رهيو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ملا جلا رجحان ڏٺو ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 14 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 918 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ 100 انڊيڪس 41,904 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو