ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آمريڪي ڊالر جي اوچائي وڌڻ شروع ٿي وئي، جڏهن ته پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي.انٽر بئنڪ ۾ اڄ صبح ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر هڪ رپيو 17 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 270 رپيا ٿي ويو آهي.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 268 رپيا 83 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت رجحان رهيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 64 پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ 40 هزار 683 تي اچي ويو آهي.ڪالهه 100 انڊيڪس 40,620 پوائنٽس تي بند ٿيو.










