انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو, 220 رپيا 50 پئسا جو ٿي ويو

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو, 220 رپيا 50 پئسا جو ٿي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)رپئي جي مقابلي ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.سومر تي ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ مسلسل پنجين ڏينهن ڊالر جي قدر ۾ واڌ ٿي ۽ سومر تي ڪاروبار بند ٿيڻ تي ڊالر 82 پئسا وڌي 219 رپيا 71 پيسا تي بند ٿيو.اڄ اڱاري ڏينهن به ڪاروبار جي شروعات تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي ۽ ڊالر 29 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.ٽريڊنگ سيشن دوران ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ 50 پئسا اضافو ٿيو جنهن سان ڊالر جي قيمت 220 رپيا 50 پئسا ٿي وئي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ رپئي جي مقابلي ۾ هڪ ڊالر جي قيمت 220 رپيا ٿي وئي آهي.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو 75 پئسا مهانگو ٿي 227 رپيا 95 پئسا ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو