انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو ،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت شروعات

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر مهانگو ،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت شروعات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ ڪجهه پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 10 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 285 رپيا 25 پئسا ٿي ويو.انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي ڊالر 285 رپيا 15 پئسا تي بند ٿيو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ مثبت ڪاروباري رجحان ڏٺو ويو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 570 پوائنٽن جي واڌ سان 41 هزار 535 تي پهچي ويو.100 انڊيڪس گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن تي 40,964 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو