ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ گهٽتائي جو رجحان ڏٺو پيو وڃي.ڪالهه ڪاروباري هفتي جي شروعات تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ لاٿ جو سلسلو جاري رهيو ۽ ڪاروبار جي بند ٿيڻ تي ڊالر 16 پئسا مهانگو ٿي 269 رپيا 44 پئسا تي بند ٿيو. اڱاري ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 94 پئسا گهٽتائي سان 268.50 رپيا ٿي وئي.انٽربينڪ ٽريڊ دوران ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي ۽ ڊالر جي قيمت ۾ مجموعي طور تي 1.44 رپيا گهٽتائي ٿي، جنهن کانپوءِ هڪ ڊالر انٽر بئنڪ ۾ 268 رپيا ٿي ويو.










