انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ

انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي.گذريل هفتي ڪاروبار جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ معمولي اضافو ٿيو ۽ ڊالر 5 پئسا مهانگو ٿي 218 رپيا 43 پئسا تي بند ٿي ويو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 4 رپيا مهانگو ٿي 226 رپين تي بند ٿي ويو.اڄ سومر تي انٽر بئنڪ ڪاروبار جي شروعات ٿيندي ئي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو پيو وڃي ۽ ڊالر 7 پئسا مهانگو ٿي 218 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو