انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 268 روپيا، ٻن ڏينهن ۾ 14 سيڪڙو لاٿ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر جي اوچائي اڏام جاري آهي ۽ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي.ڪالهه ڪاروباري ڏينهن جي شروعات کان وٺي آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ جي اختتام تي آمريڪي ڊالر 24 رپيا 54 پئسا اضافي سان 255 رپيا 43 پئسا تي بند ٿي ويو.جمعي جي ڏينهن انٽر بئنڪ ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قيمت ۾ هڪ رپيو 57 پئسا واڌ ٿي جنهن سان ڊالر 257 رپيا 50 پئسا ٿي ويو.ڪاروبار دوران ڊالر جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ هڪ آمريڪي ڊالر 6 رپيا 67 پئسا مهانگو ٿي 262 رپيا 50 پئسا ٿي ويو آهي.گذريل 2 ڏينهن ۾ انٽربينڪ ڊالر 31 رپين کان وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي ۽ پاڪستان جي قرضن ۾ 3950 ارب رپين کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آهي.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 8 رپيا مهانگو ٿيڻ سان 265 رپين جو ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو