انٽري ٽيسٽ ۾ زيادتين خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

انٽري ٽيسٽ ۾ زيادتين خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاج

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي مرڪزي سڏ تي پي ايم سي پاران سنڌ جي شاگردن سان انٽري ٽيسٽ ۾ ٿيندڙ ناانصافي ۽ ايس ايم سي کي بحال ڪرڻ واري مطالبي لاءِ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گانگھرو، ۽ مرڪزي اڳواڻ سهيل ڀٽو، نصراللح ڪالادي يوسف خاصخيلي حمز چانڊيو محبوب جتوئي ربنواز ملاڻو ماجد ڏنور حمز علي چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو ھو جنھن ڪري اڄ سنڌ جي 30 کان مٿي ننڍن وڏن شھرن ۾ پريس ڪلبن سامهون احتجاج ڪيو ويو سڄي سنڌ جيان پريس ڪلب حيدرآباد آڏو ب چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو سھيل ڀٽو روزينا گھانگھرو تبسم ملاح انمول انيل حب علي دودو ديشي ڪامريڊ عاقب جي اڳواڻي ۾ سنڌي شاگردن جي ميرٽ تي ڌاڙي خلاف سخت احتجاج ڪندي شديد نعريبازي ڪئي وئي، جڏھن ته سنڌ جي ٻين شھرن ڪراچيء ۾ طارق خاصخيلي ۽ حمز علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ سکر ۾ ماجد ڏنور جي اڳواڻي ۾ لاڙڪاڻي ۾ علي رضا ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ،ٽنڊوڄام صدام ڀٽو محبوب جتوئي جي اڳواڻي ۾ ملير ۾ شيراز خاصخيلي بدين ۾ ڊاڪٽر يوسف خاصخيلي مورو ۾ سينگھار چانڊيو ڪنڊيارو ۾ حبدار ملاح نوشھروفيروز ۾ نور راجپر فراز مستوئي ميرپرخاص، ميھڙ ۾ ابو طالب ٻگھيو ، گولاڙچي ۾ عبداللطيف گھوٽڪي ۾ نصراللح ڪالادي ڏھرڪي ۾ اياز خان شر مير حسن لاشاري اٻاوڙو ۾ بھادر لولائي آصف فاروقي خانپور مهر۾ دودو مھر قمبر ۾ فدا پنھور ماتلي ۾ فيصل رستماڻي ونوڌ ڪمار پنو عاقل ۾ ربنواز ملاڻو ڪنري ۾ وقار خاصخيلي ٽنڊو باگو ۾ منصور گرگيز شھباز سنڌي دڙو ۾ راجا حمير ۽ شوڪت سومرو ٻيلو (سجاول) ۾ ارشاد خاصخيلي لالو رائنڪ ۾ اسد مغيري ٽنڊو محمد خان ۾ علي خاصخيلي ۽ حسنين خاصخيلي ميرپور بٺورو ۾ عامر ميمڻ جي اڳواڻي ۾ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن جي اڳواڻيء ۾ پريس ڪلبن آڏو احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا جنھن ۾ وڏي انگ ۾ سنڌ جي شاگردن سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ان موقعي تي حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي چيئرمين سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت سنڌ جي شاگردن کي تعليم کان محروم رکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وفاق طرفان پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جو قيام ۽ ٽيسٽ جا نتيجا ان جو مثال آهن، هنن چيو ته پي ايم سي طرفان تازو ورتل ٽيسٽ ۾ سنڌ جي شاگردن جي حقن تي وڏو ڌاڙو هنيو ويو آهي، سنڌ جي شاگردن جي اڪثريت کي هٿ سان فيل ڪري انهن جي سيٽ نمبرن تي ٻين صوبن جي شاگردن کي پاس ڄاڻايو ويو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ پنجاب ۽ ٻين صوبن جي شاگردن کي داخلا ڏني ويندي، اڳواڻن چيو ته پي ايم سي بدنيتي تي ٻڌل ادارو آهي، ھنن چيو ته ٽيسٽ ۾ 35 اھڙا سوال ھئا جيڪي سنڌ جي ٽيڪس بڪ ۾ موجود ئي نه ھئا, ان کان علاوا امتحان ۾ شاگردن کي ڪاربان ڪاپي نه ڏني وئي نه ئي وري رزلٽ ڏيڻ وقت جوابي ڪاپي رکي وئي، ھنن چيو ته ميڊيڪل ٽيسٽ جي نتيجن ۽ سنڌ دشمن پاليسي کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيون ته سنڌ ميڊيڪل ڪميشن قائم ڪري سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن کي داخلا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو