ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 19 پئسا مهانگو ٿي 288.10 رپيا ٿي ويو.ڪالهه انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 287.91 رپين تي بند ٿيو.ان کان علاوه ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه گذريل ڏينهن 600 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 2 لک 21 هزار 100 رپيا رهيو.اهڙي طرح سون جي 10 گرام جو اگهه 514 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 1 لک 89 هزار 558 رپيا رهيو.










