اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال کي انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرائڻ تي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.نثار دراني جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني بينچ مسلم ليگ ن جي انٽرا پارٽي چونڊن بابت داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ن ليگ طرفان ڪو به وڪيل پيش نه ٿيو، پارٽي آفيس جا ملازم اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيا.ميمبر اليڪشن ڪميشن جسٽس رٽائرڊ اڪرام الله رمارڪس ڏيندي چيو ته مسلم ليگ ن اليڪشن ۾ دلچسپي نه وٺي رهي آهي، ڇا مسلم ليگ ن کي معطل ڪيو ويو آهي؟ انهن جو نشان واپس مليو؟اليڪشن ڪميشن عملدارن چيو ته اسان پارٽي کي شوڪاز نوٽيس موڪليو آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن ميمبر نثار ميمڻ چيو ته هو مسلم ليگ ن کي هڪ آخري موقعو ڏئي رهيا آهن.ميمبر اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي رمارڪس ڏنا ته مسلم ليگ ن کي ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪيو وڃي.اليڪشن ڪميشن ن ليگ کي آخري موقعو ڏيندي مسلم ليگ ن جي انٽراپارٽي اليڪشن جي ٻڌڻي 21 نومبر تائين ملتوي ڪندي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف ۽ سيڪريٽري جنرل احسن اقبال کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.










