ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪار انو ڪپور کي سيني ۾ درد سبب دهلي جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اداڪار انو ڪپور گذريل ڏينهن سيني ۾ درد جي شڪايت ڪئي هئي پر هاڻي اسپتال انتظاميا موجب سندس صحتيابي ۾ بهتري اچي رهي آهي. اسپتال انتظاميا موجب اداڪاره کي سيني ۾ درد سبب ڊاڪٽر سشانت ويٽل جي نگراني ۾ ڪارڊيالوجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. کيس مڪمل صحتيابي بعد اسپتال مان فارغ ڪيو ويندو.واضح رهي ته اداڪاره گذريل اڱاري تي چندر بوس جي 126 هين سالگرهه جي موقعي تي فوجي ٽتوٽ ۽ قبائلي ڊانس فيسٽيول ۾ شرڪت ڪئي هئي.










