اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف
جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته بدقسمتي سان انصاف جو شعبو پارليامينٽ جي ترجيح
ناهي رهي، پارليامينٽ ۽ انتظاميا کي به عدليه جيان انصاف جي شعبي ۾ بهتري جي
ذميواري ادا ڪرڻي پوندي.
اهڙو اظهار هن وفاقي جوڊيشل اڪيڊمي ۾
تڪڙي انصاف جي فراهمي جي حوالي سان منقد ڪيل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. چيف جسٽس
آصف سعيد کوسا چيو ته برطانيا ۽ ٻين ملڪ ۾ ڪيسن جي فيصلن لاءِ وقت مقرر ڪيو ڪيو ويندو
آهي، امريڪا جي سپريم ڪورٽ سال ۾ 80 ۽ برطانيا ۾ سپريم ڪورٽ سال ۾ 100 ڪيسن جا
فيصلا ڪنديون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ گذريل سال 26 هزار ڪيسن جا
فيصلا ڪيا پر پوءِ به عدليا تي انصاف ۾ دير بابت تنقيد ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪستان
جي 3 هزار ججز گذريل سال 34 لک ڪيسن جا فيصلا ڪيا، تڪڙي ۽ سستي انصاف جي فراهمي
عدليه جي ذميواري آهي پر ان ۾ پارليامينٽ ۽ انتظاميا کي به ذميوراي سيئر ڪرڻي
پوندي. هن چيو ته ته ماڊل ڪورٽس جي قيام جو مقصد سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ هو.
هن چيو ته ماڊل ڪورٽس مشن تحت قائم
ڪيون ويون، ڪورٽس جو تجربو آئين جي آرٽيڪل 37 ڊي تي عملدرآمد ڪرڻ هو، ماڊل ڪورٽ جو
مقصد التوا جو سبب بڻجندڙ رنڊڪون ختم ڪرڻ هو. چيف جسٽس چيو ته جڊيشل پاليسي بهتر بڻائڻ لاءِ
سفارشون ۽ ترميمون پارليامينٽ ۾ پيش ناهن ڪيون وينديون، بدقسمتي سان انصاف جو شعبو
پارليامينٽ جي ترجيح ناهي، عدالتي قانون واضح آهن رڳو انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي،
دهشتگردي ايڪٽ کي ڏسو ته چوري ۽ زنا به دهشتگردي ايڪٽ جو حصو آهن، ان بابت تفصيلي
عدالتي فيصلو موجود آهي پارليامينٽ کي ان مطابق ترميم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تڪڙي
انصاف لاءِ ضروري آهي ته جيل حڪام قيدين کي حاضري تي پهچائن، سندن گاڏين وغيرو جو
مسئلو حل ٿيڻ گهرجي ۽ ٻئي صورت ۾ جيل انتظاميا خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ
چيو ته سرڪاري وڪيل يا مدعي ۽ جوابدار جا وڪيل ڪنهن سبب ڪري حاضر نه ٿين ته متبادل
انتظام ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪرمنل ڪيسن م ٻن هفتن اندر چالان پيش ڪرڻ گهرجي پر
ائين نٿو ٿئي.
ايئرپورٽن تي اميگريشن سسٽم 1 ڪلاڪ بند رهڻ بعد بحال
ڄامشورو، مسافر بس حادثي جو شڪار، 1 ڄڻو فوت، 9 ڄڻا زخمي
ڪراچي ۾ ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت، عورت زخمي
چونڊن ۾ فراڊ تي سزا ڏياريندڙ کي 10 لک ڊالر انعام ڏيندس: ٽرمپ
پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ، نوان اگهه لاڳو
وزيراعظم ۽ جماعت اسلامي جي امير ۾ ملاقات طئي
اسرائيل ۾ ٿيندڙ چونڊون ۽ عالمي معيشت تي اثر
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت










